ڪراچيءَ ۾ مهانگي بجليءَ باوجود لوڊشيڊنگ آهي: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته  صنعتي واهپيدارن لاءِ بجليءَ جي قيمت 55 رپيا ۽ گهريلو  واهپيدارن لاءِ 65 رپيا في يونٽ آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار چيو ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ يعني 15 ارب ڊالرن جي ايڪسپورٽ ڪراچي مان ٿيندي آهي، ڪراچي ملڪ جي 60 سيڪڙو ٽئڪس ادا ڪري ٿي، ان باوجود 18، 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچيءَ جي رهواسين سان ظلم بند ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.