ناصر شاهه جي بلاول ڀٽو سان ملاقات،ترقياتي فنڊن بابت ڳالهيون

اسلام آباد ( پ ر) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان توانائي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه سان بلاول  هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي شعبي ۽ سنڌ جي ترقياتي فنڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناصر شاهه چيو ته هن چيئرمين بلاول ڀٽو کي گذارش ڪئي آهي ته وفاق سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ته وفاق پاران روڪيل فنڊ جاري ڪيا وڃن.  صوبائي وزير توانائي چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ ۽ ٻئي انفرااسٽرڪچر لاءِ جيڪو واعدو ڪيو هو اڃا تائين پورو ناهي ڪيو .  چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت سان ڳالهائي جلد کان جلد فنڊ جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن سان ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري ڪم کي تيز ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.