واشنگٽن (پ ر) سانا طرفان ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي مخالفت ڪندي چيو ويو آهي ته اهو سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ جواز ٺاهڻ برابر آهي، سانا سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن جي ڀرپور مخالفت ۽ مزاحمت ڪندي. سانا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ارسا ايڪٽ ۾ تبديلي ان ڪري ڪرڻ چاهي ٿي جيئن صوبن جي نمائندگي ڪندڙ اداري ارسا کي عملي طور ختم ڪري ارسا کي مرڪز جي ماتحت کاتي ۾ تبديل ڪيو وڃي جيئن پنجاب جي نوڪر شاهي لاءِ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ سولو ٿي پوي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنجاب سنڌو درياهه مان پاڻي چوري ڪري 2 وڌيڪ ڪئنال ٺاهڻ چاهي ٿو، سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه جي پاڻي مٿان وڌيڪ ڌاڙا برداشت نه ڪندو. سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽي ۽ جنرل مشتاق راڄپر، آمريڪا جي نائب صدر اصغر پٺاڻ ۽ ڪينيڊا جي نائب صدر راهول ڀيماڻي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جون نمائنده سياسي ڌريون، سول سوسائٽي، آبادگارن جون تنظيمون ان مسئلي تي گڏيل آواز اٿارين. سانا طرفان سنڌ جي ماڻهن جو تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هنن چيو ته سنڌين جي بقا ۽ وجود سنڌو درياهه سان ڳنڍيل آهي ۽ درياهه آهي ته سنڌ ۽ سنڌي آهن.
-
ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس خلاف حيدرآباد ۾ اڄ بک هڙتال جو اعلان
حيدرآباد (پ ر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، ڊاڪٽر دلدار لغاري ۽ حسين سومرو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ارسا ايڪٽ ترميمي آرڊيننس وفاقي جمهوريت مٿان حملو آهي. هي آرڊيننس ون يونٽ جي نئين صورت آهي. ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري پنجاب جا حڪمران 91ع واري پاڻي ٺاهه تان به ڦري ويا آهن. جيتوڻيڪ 91ع وارو ٺاهه پنجاب جي مرضي مطابق ڪيو ويو هو، سنڌ ان ٺاهه خلاف دانهيندي رهي آهي. ان باوجود سنڌ جو پر امن عوام انارڪي نٿو چاهي، سنڌ جو عوام قانون، آئين ۽ انصاف جي بالادستي چاهي ٿو. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ وفاق جي نالي ۾ هڪ صوبي جي بالادستي قائم آهي. چند اشرافيا جي مفادن خاطر سمورو ملڪ داءُ تي لڳايو پيو وڃي. ڪارپوريٽ فارمنگ جا منصوبا ملڪ جي عوام کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جا منصوبا آهن.