ڪراچي (رپورٽر ) جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان 20 هزار قطري ڊالر اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي. پاڪستان ڪسٽم جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪليڪٽر جي جناح ٽرمينل جي ڊپارچر لائونج ۾ ڪارروائي دوران 20 هزار آمريڪي ڊالرن جي پرڏيهه اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ايڊيشنل ڪليڪٽر ڪسٽم فيصل خان ميڊيا کي ٻڌايو ته شهزاد نالي هڪ مسافر فلائيٽ QR 605 ذريعي دوحه وڃي رهيو هو. مسافر کي اي ايس ايف کان ڪليئرنس وٺڻي پئي پر شڪ سبب ڪسٽم اختيارين سامان جي تفصيلي چيڪنگ ڪئي.
-
اطلاعات واري وزارت پاران اڄ عام موڪل جي افواهن جي ترديد
اسلام آباد (م ڊ) سوشل ميڊيا تي يوم دفاع تي عام موڪل جي حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن گردش ڪري رهيو هو جنهن ۾ موڪل جو اعلان ڪيل هو. اطلاعات واري وزارت ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي موڪل جي ترديد ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عام موڪل جي حوالي سان نوٽيفڪيشن ڪوڙو آهي.
-
عمران خان جي درخواست ڪو نه ٿو ٻڌي، جج ڀڄي رهيا آهن: عليمه خان
راولپنڊي (م ڊ)پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته القادر ڪيس ۾ جج فرار ٿي رهيو آهي، ضمانت جي درخواست نه ٻڌي وڃي. اڊيالا جيل راولپنڊي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته پي ٽي آءِ جي باني واضح طور چيو آهي ته سنگجاني ۾ جلسو ٿيندو. هن چيو ته 9 مئي تي عورتن سان ظلم ٿيو، عاليه حمزه تي تمام گهڻو ظلم ٿيو، کيس ڪيترائي جيل گهمايا ويا. هن چيو ته عاليه حمزه کي اڃا به ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن چيو ته مائرون 8 فيبروري تي نڪتيون هيون، 8 سيپٽمبر تي به نڪرنديون. هن چيو ته حڪمرانن جي لائيف اسٽائل جي قيمت اسان سڀني کي برداشت ڪرڻي پوندي. عاليه حمزه چيو ته منهنجو ليڊر ڪڏهن به نه چوندو ته مون کي آزاد ڪرايو. 8 سيپٽمبر پاڪستان بچائڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويندو.
-
چوڌري ڀائرن ۾ وڇوڙو ختم، ملاقات ۾ ڏوراپا، سياسي ڳالهين کان پاسو
لاهور(رپورٽر) چوڌري ڀائرن وچ ۾ ورهين جو وڇوڙو ختم ٿي ويو، پرويز الاهي چوڌري شجاعت وٽ لگهي ويو، ذريعن موجب چوڌري شجاعت حسين ۽ چوڌري پرويز الاهي وچ ۾ لاهور ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ چوڌري وجاهت حسين اهم ڪردار ادا ڪيو. ملاقات لاءِ چوڌري وجاهت پرويز الاهي کي يقين ڏياريو ته چوڌري شجاعت توهان کان وڏو آهي، ان ڪري هن وٽ وڃو.ملاقات ۾ چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي هڪ ٻئي کي ڏوراپا ڏنا، جنهن بعد ٻنهي ذاتي ۽ خانداني سطح تي مسئلا گڏجي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، ذريعن موجب چوڌري ڀائرن جي ملاقات ۾ رڳو خانداني لاڳاپن جي بهتري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ٻنهي سياسي ڳالهين کان پاسو ڪيو.
-
ڪراچي ۾ مختلف حادثن دوران 2 ڄڻا فوت ٿي ويا
ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن بلاڪ نمبر 2 ۾ ڪريڪ اپارٽمينٽ ويجهو تعميراتي ڪم دوران عمارت جي 18 هين ماڙ تان ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ مزدور فوت ٿي ويو، لاش ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال پهچايو ويو. فوت ٿيل پورهيت جي سڃاڻپ 34 ورهين جي نبي شاهه ولد فقير شاهه طور ٿي آهي. پوليس فوتي جو لاش ڪانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو. شادمان ٽائون نمبر 1 ۾ بسم الله برياني ڀرسان گهر جي ڇت تان ڪري پوڻ جي نتيجي ۾ هڪ بزرگ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمي شخص علاج دوران 65 سالن جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويو.