اسلام آباد(م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪڻڪ ۽ ڪمند سميت سمورين شين جي زرعي امدادي قيمتن کي مقرر ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ وڏو شرط لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ان صورتحال سبب ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جا روڪ فصل متاثر ٿيندا، جڏهن ته ڀاڻن تي سبسڊي تي پابندي سبب هارين کي مهانگو امپورٽ ڪيل ڀاڻ خريد ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاران امدادي قيمتن ۽ سبسڊي واري ڀاڻ تي لاڳو پابندين تي عملدرآمد موجوده فصل (خريف سيزن) کان شروع ٿيندو، جنهن کي جون 2026ع تائين مڪمل ٿيڻو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج ۾ هڪ شرط شامل ڪيو آهي جنهن تحت وفاقي حڪومت ۽ چئني صوبن کي قيمتن جي مقرري واري ميڪنزم کي مرحليوار ڪرڻو پوندو. ياد رهي ته هن وقت ڪڻڪ، ڪمند، ڪپهه ۽ ڀاڻ جا اگهه وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مقرر ڪن ٿا. آءِ ايم ايف شرط ٻنهي تيار ٿيل شين جهڙوڪ ڀاڻ ۽ خام ڪموڊٽيز جهڙوڪ ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه تي لاڳو ٿيندو.پاڪستاني حڪومتون ”امداد جي قيمتن جو اعلان ڪرڻ کان پاسو ڪنديون ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خريداري جا عمل بند ڪنديون“. پنجاب حڪومت اڳ ۾ ئي هارين کان ڪڻڪ جي خريداري بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ گذريل مهيني مجموعي مهانگائي کي سنگل انگن ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي. آءِ ايم ايف صوبائي حڪومتن تي به شرط رکيا آهن ته اهي آءِ ايم ايف پروگرام (37 مهينن) دوران بجلي ۽ گئس تي ڪا به سبسڊي نه ڏيندا. ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف جو اهو پيغام گذريل هفتي پنجاب حڪومت کي پهچايو آهي.