ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صوبي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن (اي سي) لاءِ گاڏين جي خريداريءَ لاءِ 2 ارب رپيا مختص ڪرڻ واري فيصلي تي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا تي اٿاريل سوالن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته معاملي کي غلط رنگ ڏنو ويو آهي، انهن ۾ ڪابه سچائي نه آهي. سڀ کان پهرين اهو سمجهڻ ضروري آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر صوبائي انتظاميه جي ڪرنگهي جي هڏي مثل آهن. امن امان برقرار رکڻ، اگهن تي ضابطو آڻڻ، پوليو جي خاتمي، ٻوڏ جي انتظامن، اسڪولن ۽ اسپتالن جو معائنو، لينڊ ايڊمنسٽريشن، اليڪشن ڊيوٽي ۽ حڪومتي پاليسين ۽ فيصلن تي عمل ڪرائڻ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اهي آفيسر اڪثر ڪري 24 ڪلاڪ ۽ ڏورانهن علائقن ۾ سرڪاري مشينري جي ڪمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪندا آهن. اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ گاڏين جي آخري خريداري 2010 ۽ 2012 ۾ ٿي جڏهن سوزوڪي ڪلٽس ڪارون خريد ڪيون ويون. سوزوڪي ڪلٽس جي سراسري عمر 7-8 سال آهي، هيستائين انهن مان اڪثر گاڏيون پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهچي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون ئي گاڏيون 0.8 ملين ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري چڪيون آهن. گھڻو استعمال سبب گاڏين جا ڪيترائي اوڊوميٽر خراب ٿي ويا آھن. ڪجهه آفيسرن وٽ 2005 کان وٺي پراڻي ماڊل جون گاڏيون به آهن، نتيجي طور اسسٽنٽ ڪمشنر مجبور ٿي سرڪاري ڪمن لاءِ پنهنجون پرائيويٽ گاڏيون استعمال ڪن ٿا جيڪو غير عملي آهي پر سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته انهن آفيسرن مان ڪيترن وٽ ته پنهنجون گاڏيون به نه آهن جنهن ڪري هو سرڪاري ڊيوٽي ۽ ايمرجنسي جي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ خانگي گاڏيون ڪرائي تي ڏيڻ تي مجبور آهن. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ عبدالرشيد چنا جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ جيڪي ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهي ڪڏهن به لگزري گاڏين جي زمري ۾ نه اينديون آهن. اهي آپريشنل گاڏيون آهن ۽ حڪومت اگهن جي اثرائتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ بنيادي قسم جي خريداري ڪندي. اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ آپريشنل گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو سنڌ حڪومت جو ڪو انوکو فيصلو ناهي، پنجاب حڪومت به 2.3 ارب رپين ۾ هر ضلعي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ هر ڊويزن جي ايڊيشنل ڪمشنرن لاءِ ٽويوٽا يارِيز ۽ ٽويوٽا الٽيس جي خريداري ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ضرورتن ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جو عزم اٽل آهي ۽ اسان جي انتظامي آفيسرن جي فعال ڪارڪردگي تي ڪابه سوديبازي نٿي ڪري سگهجي.