ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ جي مختلف آفيسن جو اوچتو دورو ڪيو. ان دوران سيڪريٽرين ۽ ايڊيشنل سيڪريٽرين سميت ڪيترائي آفيسر صبح جو 9:45 تائين غير حاضر هئا، جنهن تي چيف سيڪريٽري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف سيڪريٽري جي ترجمان موجب غير حاضر آفيسرن خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. غير حاضر آفيسرن ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز، ليبر، مائينز ۽ منرلز، اسڪول ايجوڪيشن، پلاننگ، وومين ڊولپمنٽ ۽ انڊسٽريز جا سيڪريٽري شامل آهن. چيف سيڪريٽري سختي سان هدايت ڪئي آهي ته سمورا آفيسر وقت جي پابندي ڪن، ٻي صورت ۾ انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ غير حاضري بابت رپورٽ وڏي وزير کي پڻ موڪلي ويندي.