ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب برسات ۾ ايم اي جناح روڊ جي ڊهي وڃڻ جو نوٽيس ورتو. ڪراچي جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب روڊ ٺاهڻ واري انجنيئر کي معطل ڪري ڇڏيو. اسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر وقاص احمد خان ۽ عبدالجبار کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪراچي جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته روڊن جي تعمير ۾ غفلت جي ذميوارن کي معاف نه ڪيو ويندو. مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم اي جناح روڊ ٺاهڻ واري ٺيڪيدار کي رقم جي ادائيگي به روڪي وئي آهي. ڪراچي جي ميئر بئرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ايم اي جناح روڊ ٺاهڻ واري ٺيڪيدار کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب چيو ته روڊن جي تعمير ۽ مرمت ۾ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.