ملڪ خلاف جارحاڻا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ صلاحيتن ۾ واڌا ڪندا رهنداسين

راولپنڊي (م ڊ): وزيراعظم شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب  وزيراعظم شهباز شريف فوجي مشقن جي پڄاڻيءَ واري اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، بچاءَ واري وزير، ناڻي واري وزير، سڌ سماءُ واري وزير ۽ اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم کي فوجي مشقن ۽ خطري جي ميدان ۾ پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيٽرنس جو نظام ڪنهن به اڳرائيءَ جي صورت ۾ مخالف کي سخت سزا ڏيڻ کي يقيني بڻائيندو. روزگار جي جديد تصورن ۽ اداري جي سڌارن جو مقصد ڊيٽرنس نظام کي وڌائڻ آهي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام برقرار رکڻ ۾ هٿياربند فوج جي اهم ڪردار تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. فوجي قيادت قومي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي هر قيمت تي تحفظ لاءِ پنهنجي مضبوط ارادن جو عزم ورجايو. فوجي قيادت چيو ته پاڪ فوج موجوده سڪيورٽي چئلينجز کان مڪمل طور تي باخبر آهي، پاڪستان خلاف اڳرائي وارن ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ اضافو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.