حڪومت کي بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ آزادي گهرندڙن سان ڳالهائڻو پوندو: اختر مينگل

اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي بلوچستان جي آزادي جي ڳالهه ڪندڙن سان ڳالهائڻو پوندو. قومي اسيمبليءَ جي ميمبر شپ تان استعيفيٰ ڏيندڙ بلوچ سردار بي بي سي اردو کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته بلوچستان ۾ شدت پسندي انتها تائين پهچي چڪي آهي ۽ اها صوبي ۾ هلندڙ فوجي آپريشن جو نتيجو آهي. هن چيو ته اڄ بلوچ ويڙهاڪ عروج تي پهتل آهن، اهو ان فوجي آپريشن جو نتيجو آهي، جيڪو اسان ڀوڳي رهيا آهيون. هاڻي حڪومت کي جبلن تي ويٺل بلوچستان جي آزادي جو مطالبو ڪندڙن سان ڳالهائڻو پوندو. اختر مينگل چيو ته بلوچستان جي معاملن ۾ مسلسل مداخلت ۽ سياسي جوڙ ٽوڙ ٿي رهي آهي. پاڪستان جي ٻين حصن ۾ سياست ۾ مداخلت ته هاڻي ٿي آهي، پر بلوچستان ۾ پهرين ڏينهن کان اهو حال آهي ۽ ان قسم جي مداخلت آهي. بلوچستان ۾ مداخلت جي نتيجي ۾ جڏهن اتان جي عوام آواز اٿاريو ته انهن جي آواز کي دٻائڻ لاءِ بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مون مختلف مسئلن جي بنياد تي استعيفيٰ ڏني. مون رياست جي سمورن ادارن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، انهن ۾ پارليامنٽ، سياسي پارٽيون، سياسي قيادت، عدليه ۽ ميڊيا سميت سمورا ادارا شامل آهن. انهن سمورن ادارن جي غفلت ۽ بلوچستان تي ٿيندڙ ظلمن مون کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي رياست کي بلوچستان جي عوام سان ڪا به دلچسپي ناهي. کين اتان جي وسيلن ۾ دلچسپي آهي، سوئي گيس هجي، ريڪو ڊائڪ هجي، سينڊڪ هجي يا بلوچستان جو سمنڊ هجي، جنهن کي چائنا-پاڪستان اقتصادي راهداري جو بنياد بڻايو ويو هو. اختر مينگل چيو ته هاڻي صورتحال ان سطح تي پهچي چڪي آهي ته اهي ماڻهو ۽ تنظيمون جيڪي پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ ڳالهائڻ چاهن پيا، اهي حڪومت جي اهڙي روش کان مايوس آهن. هاڻي نه ڊاڪٽر ماہ رنگ وٽ به چوڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ڇو ته ماهه رنگ به پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ رهي ڳالهائڻ چاهي ٿي، اسان به پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ ڳالهائڻ چاهيون پيا پر اسان مايوس ٿي وياسين، هن چيو ته مان قومي اسيمبلي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان ۽ هن پارليامينٽ جو حصو رهڻ جو ڪو به ارادو نٿو رکان، سياسي اڳواڻ مون کان معافي گهرڻ بدران بلوچستان جي عوام کان معافي وٺن ۽ تسليم ڪن ته توهان انهن جون دليون ڏکايون، هاڻي مان دبئي وڃي رهيو آهيان، الوداع پارليامينٽ،شايد اسان ان وقت ملون جڏهن ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.