اسلام آباد (م ڊ) بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ چيو آهي ته بلوچستان مسئلي جو حل سياستدانن نه پر رياست جي هٿن ۾ آهي، رياست چاهي ته بلوچستان جا مسئلا حل ٿيندا، ڳالهيون ڪرڻ به انهن جي هٿن ۾ آهي، هن وقت ڳالهين جو ڪو امڪان ناهي، ڳالهين لاءِ حالتون پيدا ڪرڻيون پونديون. پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل جي استعيفيٰ جي معاملي تي هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان کي جمهوري سياست نه ڇڏڻ گهرجي، ٻين پارٽي سان گڏجي مسئلن تي آواز اٿارڻ گهرجي. سندس استعيفيٰ وفاق لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري سگهي ٿي. بلوچستان مسئلي بابت سندس چوڻ هو ته بلوچستان جو مسئلو سڀ ڄاڻين ٿا پر حڪومت ان کي حل ڪرڻ جي قابل نه آهي. عوام ووٽ ڪنهن کي ڏئي ٿو ۽ ڪامياب ڪو ٻيو ٿي وڃي ٿو. اسٽيبلشمينٽ چاهي ته اهي مسئلا سندس هٿن ۾ آهن، مسنگ پرسن جو مسئلو اهي حل ڪرائي سگهن ٿا، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي اهي روڪرائي سگهن ٿا مزاحمت ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ به رياست جي هٿ ۾ آهي جڏهن ته ترقي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو سياسي حڪومتن جي هٿن ۾ ناهي مان به ان ڪري ڪامياب نه ٿيس. اسان گهڻن ماڻهن کي راضي ڪري پئي سگهياسين پر هاڻي جيڪا قيادت آهي اها نوجوانن وٽ آهي، مون کي نٿو لڳي ته اهي ڳالهيون ڪندا. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي جيئن ڳالهين لاءِ حالتون پيدا ٿين، گم ٿيل ماڻهن کي آڻجي، وڌيڪ ماڻهن کي گم نه ڪجي، احتجاج جو حق ڏجي، بيروزگارن کي نوڪريون ڏنيون وڃن، بارڊرن کي کوليو وڃي تڏهن وڃي ماحول ڳالهين ڏانهن وڃي سگهندو نه ته ڪو امڪان ناهي.