اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پاران بلوچستان ۾ پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي خاص اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا آهن، جنهن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي شڪ ۾ ڪنهن به شڪي شخص کي اڳواٽ حراست ۾ وٺي سگهنديون. ميڊيا موجب وفاقي ڪابينا پاڪ فوج، سول آرمڊ فورسز ۽ حڪومت کي خصوصي اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڪابينا اينٽي ٽيررازم ايڪٽ 1997ع ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي شڪ ۾ ڪنهن کي به اڳڀرائي سان حراست ۾ وٺي سگهنديون ۽ انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ٻڌل گڏيل جاچ ٽيمون جوڙيون وينديون. ذريعن وڌيڪ چيو ته قومي سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙن کي حراست ۾ ورتو ويندو، جي آءِ ٽي جامع جاچ ڪندي ۽ دهشتگردن بابت معلومات گڏ ڪئي ويندي.