بلوچستان ۾ امن لاءِ قومي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن: حافظ نعيم الرحمان

لاهور (پ ر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن لاءِ قومي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي ۽ گم ٿيل  ماڻهن جو مسئلو حل ٿين گهرجي، بلوچستان کي حق ملڻ گهرجن ۽ سببن کي به منهن ڏيڻو پوندو رڳو طاقت جي استعمال سان مسئلا حل نه ٿيندا. منصورا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت سان ٿيل راولپنڊي معاهدي کي 28 ڏينهن گذري ويا آهن، حڪومت کي معاهدي تي عمل لاءِ مجبور ڪنداسين. هن چيو ته اسلام آباد ۾ چوٿون ڀيرو مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، عمران خان سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. ان کان اڳ هن مرڪزي قيادت جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ حق ڏيو تحريڪ، ميمبرشپ مهم، بلوچستان، ڪي پي سميت مجموعي امن جي صورتحل جو جائزو ورتو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.