اسلام آباد (م ڊ) حڪومت ڏيهي ۽ پرڏيهي اين جي اوز کي ملندڙ پرڏيهي فنڊنگ جي نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان 6 رڪني ڪميٽي پڻ قائم ڪري ڇڏي آهي. ڊان نيوز موجب حڪومت اين جي اوز کي ملندڙ پرڏيهي فنڊنگ جي نگراني ڪري کين ملندڙ شڪي فنڊنگ کي بلاڪ ڪرڻ جون تياريون ڪيون آهن. ڪابينا جي هدايت تي قانون واري وزير جي سربراهي ۾ 6 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي اين جي اوز کي ملندڙ فنڊنگ جو تفصيلي جائزو وٺندي. نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي ڊبل فنڊنگ ۽ گري چينل جي فنڊنگ روڪڻ لاءِ قدم تجويز ڪندي. ان کان علاوه اين جي اوز کي ملندڙ پرڏيهي فنڊنگ جي استعمال جي مڪمل نگراني ڪئي ويندي.