بلوچستان ۽ رياست وچ ۾ وڏيون پلون واهه فيڪٽري جي بارود سان اڏايون ويون آهن: اختر مينگل

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت جون بي اين پي سربراهه اختر مينگل کي پرچائڻ واريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون، بي اين پي سربراهه استعيفيٰ واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته استعيفيٰ واپس وٺڻ جو ڪو به ارادو ناهي. ڪالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ن ليگ اڳواڻ اياز صادق جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي وفد اختر مينگل سان پارليامينٽ لاجز ۾ملاقات ڪئي. ملاقات دوران راڻا ثناءُالله، خالد مگسي، اعجاز جکراڻي، جمال مينگل سميت ٻيا موجود هئا. ملاقات ۾ اسپيڪر اياز صادق ۽ ٻين اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي اختر مينگل چيو ته استعيفيٰ واپس وٺڻ جو ڪو به ارادو ناهي، هاڻي ڳالهين جو وقت گذري ويو، بلوچستان جون حالتون سنگين نوعيت جون آهن، حڪومت سميت ڪير به بلوچستان جي مسئلن کي سمجهڻ نه ٿو چاهي، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته  اختر مينگل بلوچستان جو ڪيس بهادري سان وڙهيو آهي، هن آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي بلوچستان جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسين سڀ سندس احترام ڪريون ٿا، ساڻس ملاقات هاڪاري رهي آهي.هن چيو ته اختر مينگل کي ٻيهر درخواست ڪئي آهي، اميد ته اسان جي درخواست قبول ٿيندي.سندس چوڻ هو ته اختر مينگل جي استعيفيٰ تڪ جي عوام سان گڏ اسان لاءِ به سرپرائز هئي، ڪوشش ڪندا ته سندس ناراضگي ختم ٿئي. ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي حقن ۽ محرومين بابت جدوجهد ۾ سندس ڪردار تمام گهڻو طاقتور آهي، جيڪو پارليامينٽ ۾ رهڻ گهرجي.حڪومتي وفد سان ڳالهين کانپوءِ پارليامينٽ لاجز ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته هو استعيفيٰ واپس نه وٺي رهيو آهي ۽ نه ئي اهڙو ڪو ارادو آهي، هن چيو ته حڪومتي وفد مون کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر آئون سمجهان ٿو ته مون کين قائل ڪري ڇڏيو آهي.هن واضح ڪيو ته مون بلوچستان سان ٿيندڙ ظلم، تشدد ۽ استحصال جو معاملو هر حڪومت ۾ اٿاريو، مون ڪنهن به ڏکي ٻولي ۾ ڳالهه نه ڪئي پر حڪومت بلوچستان جي مسئلن کي سمجهي نٿي.هن چيو ته اسان رياست ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ڪلوٽ هئاسين، پر بلوچستان ۽ رياست جي وچ ۾ وڏيون پلون واهه فيڪٽري جي ڌماڪيدار مادي سان اڏايون ويون آهن.واضح رهي ته حڪومت اختر مينگل جي استعيفيٰ منظور نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي کيس پرچائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.