سنڌ ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، واڌو بجلي ڪاٿي آهي: آصفا

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  قومي اسيمبلي ۾ انڊيپينڊنٽ پاور پروڊيوسرز (آءِ پي پيز) خلاف سياسي پارٽيون گڏ ٿي ويون، آءِ پي پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران گئس، بجلي ۽ آءِ پي پيز جي معاملن تي غور ڪيو ويو. سوالن جي وقفي دوران پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ بجلي جي معاملن تي ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ مين ونڊ انرجي جا 36 منصوبا ۽ سولر انرجي جا 10 منصوبا شروع ڪيا ويا آهن، جن مان 2525 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي. حاصل ڪيو پيو وڃي. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ ٽرانسفارمر لڳايا وڃن، گردشي قرض وڌي رهيا آهن. حڪومت ڊسپرين سان ڪينسر جو علاج ڪري رهي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ آصفا سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي سوال اٿاريو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آصفا ڀٽو زرداري سوال اٿاريو ته بجلي جي اضافي جي دعويٰ باوجود 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. پ پ اڳواڻ سوال ڪيو ته حڪومت دعويٰ ڪري ٿي ته سرپلس بجلي آهي ته  پوءِ لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي؟. قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد حسين طارق ايران سان گئس منصوبي جي مڪمل نه ٿيڻ تي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايران پاڪستان کي حتمي نوٽيس ڏنو آهي. پائيپ لائين منصوبي ۾ 18 ارب جو ڏنڊ ڪٿي ڀريو ويندو؟ وفاقي وزير مصدق ملڪ جواب ڏيندي چيو ته 18 ارب جو معاملو ڪٿي به ناهي ٻڌايو ويو، ايرانين ان جو ذڪر ناهي ڪيو، ان معاملي ۾ ڪيتريون ئي پيچيدگيون آهن، عالمي پابندين جا عنصر به آهن، اسان وٽ گئس ناهي. قادر پٽيل سامونڊي گئس منصوبي جو ذڪر ڪيو ۽ انڪوائري جو مطالبو ڪيو ته وفاقي وزير مصدق ملڪ چيو ته ان جي جاچ لاءِ رڳو الله ميان چئي سگهي ٿو ته دنيا ۾ اهڙي ڪا ايجاد ناهي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف آءِ پي پيز، بجلي ۽ گيس جي مسئلن جي حل لاءِ فل هائوس ڪميٽي ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته سڄي ايوان جي ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ آءِ پي پيز تي بحث ڪيو وڃي، اهو تمام وڏو بحران آهي، مونجهارن کي دور ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ سيد امين الحق چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ رياست اندر رياست بڻائي ڇڏي آهي. هن اليڪٽرڪ پاور جي ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن جي حوالي سان پنهنجي نوٽيس ۾ چيو آهي ته ماڻهو ڪي اليڪٽرڪ کي پٽون ۽ پاراتا  ڏيندا آهن.مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنيف عباسي چيو آهي ته ڇا مصدق ملڪ ۽ اعظم نذير تارڙ باقي وزيرن کي جواب ڏيڻ جو ٺيڪو ورتو آهي؟ آءِ پي پيز جو مسئلو ڪيترو ڏکيو آهي، جنهن سڄي ملڪ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، هي پئسا وٺندڙ ڪير آهن جيڪي اربين ۾ پئسا وٺي رهيا آهن، انهن ماڻهن کي فون ڪري پڇو ته نه مڃين ته پوءِ ايڪشن وٺو. ٻڌو آهي ته بند پلانٽ آهي، ڪروڙين رپيا وٺي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميان منشا ڪير آهي؟ ملڪ ۾ 42 آءِ پيز بند آهن. ان بعد ميمبر قومي اسيمبلي آصفه ڀٽو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي، لوڊشيڊنگ سبب عوام پريشان آهي. وقفي سوالن جا جواب ڏيندي وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته فيڊرز جي منتقلي لاءِ پاليسي جوڙي پئي وڃي، سمارٽ ميٽرز آڻي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.