اسلام آباد(فخر دراني)چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪجهه صحافين پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي،اصل ۾ چيف جسٽس کي مئي تي ججن جيقررين جي حوالي سان سپريم جڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائڻو هو پر هاڻي اهو اجلاس 13 سيپٽمبر تي طلب ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ته چيف جسٽس ايڪسٽينشن وٺڻ چاهي ٿو هاڻي ڇو ته حڪومت ان حوالي سان قانون سازي ڪري ڇڏي آهي ان ڪري جڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرايو ويو آهي، حالانڪه حقيقت ان جي ابتڙ آهي، جسٽس يحيٰ آفريدي مئي ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ڇو ته حڪومت آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم جو ارادو رکي پئي، ان حوالي سان جسٽس منصور علي شاهه سميت سمورن ميمبرن کان راءِ ورتي وئي هئي،سڀني ميمبرن اجلاس ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 05 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو