حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند جماعتن جي اڳواڻن، سڄي سنڌ جي 138 اسسٽنٽ ڪمشنرن جي لاءِ ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي کي بکون ڪاٽيندڙ سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي پئسي جو زيان قرار ڏيندي چيو آهي ته انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري سڄي سنڌ کنڊر بڻجي چڪي آهي، وسيلن سان مالا مال سنڌ جا ماڻهو بيروزگاري جي ڪري معاشي بدحالي جي ور چڙهيل آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪامورن کي اربين رپين جون وڏيون گاڏيون خريد ڪري کين ساليانو ڪروڙين رپين جو تيل فراهم ڪرڻ سنڌ جي عوام سان وڏي ناانصافي آهي، موجوده حالتن ۾ وزيرن ۽ ڪامورن کي شاهي خرچ ختم ڪري سموريون مراعتون ۽ گاڏيون واپس ڪرڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙي چيو ته معاشي بدحالي واري صورتحال ۾ سنڌ جي عوام جو پئسو اسسٽنٽ ڪمشنرن جي وڏين گاڏين جي خريداري ۾ استعمال ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي، وڏيون گاڏيون خريد ڪرڻ بجاءِ حڪمرانن کي بکون ڪٽيندڙ سنڌ جي عوام کي رليف ڏيڻ گهرجي ها. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جنرل سيڪريٽري حيدر ملاح چيو ته سنڌ جي ماڻهن جو پئسو بچائڻ جي لاءِ سمورا وزير ۽ ڪامورا سرڪاري گاڏيون، انهن ۾ استعمال ٿيندڙ تيل ۽ مينٽيننس جا خرچ بچائڻ جي لاءِ پنهنجون ذاتي گاڏيون استعمال ڪن ۽ ان سان گڏ ٻيون سموريون مراعتون واپس ڪري سادگي اختيار ڪن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ سرڪار طرفان اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ويگو گاڏيون وٺي ڏيڻ سنڌ جي عوام جي ٽيڪس جي ادا ڪيل پئسن جو سراسر زيان آهي. ملڪ جو ٻچو ٻچو عالمي سامراجي ادارن جو قرض آهي ۽ ٻي طرف سڄي سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرن طور سفارش تي مقرر ڪيل وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن ۽ سرڪاري ڀوتارن جي دادلن ٻارن کي ويگو گاڏيون خريد ڪري ڏنيون پيون وڃن، اهو سنڌ سرڪار جو عمل هن وقت ٻوڏ ۾ ٻڏل سنڌ جي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ديدار شام چيو ته سرڪار جو اهڙو اعلان ڊپٽي ڪمشنرن کي وڌيڪ خرچ ۽ تيل جي ڪرپشن استعمال ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندو. اهو خرچ سنڌ جي بجيٽ جو اجايو استعمال ڪري ڊپٽي ڪمشنرن جي پروٽول لاءِ هوندو. سرڪار کي اهڙا فيصلا ڪرڻ بدران آفيسرن ۽ آفيسن جا خرچ گهٽائڻ گهرجن ۽ سنڌ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن، اسڪولن ۾ فرنيچر ناهي، ڪتاب ناهن ٻار پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي سدائين ڪرپشن جا نوان طريقا ايجاد ڪندي آهي، هي عمل به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، ھن وقت سنڌ جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. سنڌ ۾ ھزارين پرائمري اسڪولن کان وٺي ڪاليجن جون عمارتون تباھه ۽ برباد آهن، اسپتالن ۾ دوائون نه آھن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي، روڊ تباھه آهن، ڊرينيج جو نظام خراب آهي، سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت جو راڄ آهي، ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، برسات متاثرين جي واهر نه ڪئي پئي وڃي، پر سنڌ حڪومت وٽ ڪامورن جي عاليشان زندگي لاءِ اربين رپيا آهن.
سنڌ حڪومت جو اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ مهانگيون گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ مهانگيون گاڏيون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان تي 2 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت صوبي ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرن لاءِ لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ناڻي کاتي کي 2 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت فور باءِ فور جون 138 ڊبل ڪيبن گاڏيون خريد ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڏنيون وينديون. سنڌ حڪومت طرفان خريد ٿيندڙ هڪ گاڏي جي قيمت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي.ٻئي طرف ذريعن موجب سنڌ ۾ چونڊيل نمائندن، رٽائرڊ ڪامورن، سياسي اڳواڻن وٽ هزارين سرڪاري گاڏيون موجود آهن جنهن سبب ڊيوٽي تي موجود آفيسر گاڏين کان محروم بڻيل آهن، ڊي سي ۽ ڪمشنر سطح جا آفيسر بدلي ٿيڻ بعد گاڏيون ڪاهي ٿا وڃن، ڪيترائي ڪامورا سرڪاري گاڏيون پٽن ۽ مائٽن کي ڏين ٿا، جڏهن ته ٿوري خرابي سبب گاڏين جي مرمت نه ٿي ڪرائي وڃي، هزارين گاڏيون سنڌ جي مختلف سرڪاري ادارن ۾ بيٺي بيٺي ناڪارا ٿي چڪيون پر استعمال نه ٿي سگهيون آهن.