سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻيهر برسات، پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب رهواسين جا سورٻيڻا

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات کانپوءِ گرمي جو زور گهٽجي ويو، جڏهن ته موسم خوشگوار بڻجي ويو، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿين سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾  پاڻي به بيهجي ويو، ٿر، ٺٽو، ٽنڊومحمد خان ۽ ٽنڊو جان محمد سميت بدين ۾ ڪڪر وسي پيا، برسات سبب ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو جنهن سبب رهواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهن،انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا، ٻئي پاسي مڪاني کاتي جي صوبائي وزير 24 ڪلاڪن اندر پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، هوڏانهن  ٽنڊو جان محمد ۽آس پاس برسات جي تباھي ۽ وسندڙ برسات م سم نالن جو واپس وھڻ ۽ واھن کي گھارا چئو طرف پاڻي ئي پاڻي ڪچا گھر ڊھي پٽ پڪا گھر ھيٺ ويھي رھيا عوام کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ڪنھن ب سار ن لڌي خبر موجب ٽنڊو جان محمد جا چوڏنھن وارڊ ۽ ڀرپاسي واريون يونين ڪائونسلون  يوسي مير خدا بخش ٽالپر يوسي قاضي اشرف يوسي مير خدا بخش ٽو ۾ برسات تباھي مچائي ڇڏي. ھڪ سئو ستر وٽان  نڪرندڙ سم نالو  جيڪو ڪيترائي سال تڪرار ھيٺ رھيو  جنھن کي گورنمينٽ زبردستي گذريل سال  ٽنڊو جان محمد مٿان پراڻ م ڇوڙ ڪيو جنھن ھينئر ھلندڙ برسات م علائقي جو پاڻي پراڻ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران پراڻ وارو پاڻي کڻي  واپس سرسبز علائقي ۽ ڳوٺن م ڪاھي پيو ڪيترائي ايڪڙ فصل ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، متاثرن پاران پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

جُڳاڙي ٻيڙي هاڪِڙي ۾ ٽُٽِي پئي، 10 ڳوٺاڻا ٻڏي ويا، هڪ فوت

ڪلوئي/ ڪڍڻ (رپورٽ: نواز لنڊ / بابو کوسو) ھاڪڙو پراڻ ۾ چاڙهه سبب ڳوٺاڻن جا رستا بند ٿي ويا، ٺيڪيدار پاران ڏنل ناقص ٻيڙي هاڪڙو جي وچ ۾ ٽٽي پئي، هڪ ڄڻو ٻڏي فوت ٿي ويو، 9 ماڻهن کي بچايو ويو. خبر موجب هاڪڙو پراڻ ۾ پاڻي جو چاڙھه ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڳوٺاڻن جي اچ وڃ جا سمورا رستا بند ٿي ويا  آهن جڏهن ته مختلف وقتن تي جگاڙي ڪاٺين جي پل تان گذرڻ دوران هن مهل تائين 6 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، ڪالهه ٺيڪيدار پاران فراهم ڪيل پلاسٽڪ جي ٻيڙي تي ڳوٺ اوڙينگ جا رھواسي ڏھ ڄڻا سوار ٿي ڪراس ڪري رهيا هئا ته سندن ٻيڙي مٺي ٿري جي ڳوٺ محمد بخش لنڊ ڀرسان وچ هاڪڙو پراڻ جي پيٽ ۾ ڦاٽي پئي، جنهن دوران 10 ڄڻا ٻڏي ويا. جن مان مقامي ماڻهن وڏي ڪوشش ڪري نو ڄڻن کي بچائي ورتو، جڏهن ته هڪ ڄڻو عبدالغفار لنڊ پٽ محمد بخش لنڊ ٻڏي فوت ٿي ويو، سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪڍڻ سول اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ياد رهي ته هاڪڙو پراڻ جا ڪپر ڪمزور هئڻ ڪري ئي ڀرسان وڏا کڏا هئڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ چوپايو مال مري ويو آهي، نوجوان عبدالغفار لنڊ جي فوت ٿيڻ تي هتي جي سڄاڻ ڌرين ۽مقامي اسٽيڪ هولڊرن محمد خان لنڊ، عظيم لنڊ ۽ ٻين سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته هڪڙي پلانگ تحت هاڪڙو پراڻ ۾ ناقص ڪم ڪري هتي ڪيترن ماڻهن کي ٻوڙي مارڻ جي پلائنگ ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته هيل تائين 6 کان وڌيڪ ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن پر ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، ھنن چيو ته اسان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان گهر ڪيون ٿا ته هاڪڙو پراڻ جي ڪم ۾ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، گڏو گڏ ضلعي انتظاميا خلاف به قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جن ناقص ٻيڙي ڏئي ماڻهن کي ٻوڙڻ جي پلائنگ ڪئي وئي آهي، آخري اطلاعن تائين فوت ٿيل عبدالغفار لنڊ جي تڏي تي ڪو به چونڊيل نمائندو يا ضلعي انتظاميا پاران ڪير نه پهتو هو.

هٿرادو ٻوڏ جو مسئلو پيدا ڪيو پيو وڃي: لياقت جتوئي

جوهي (رپورٽ: اسماعيل پيرزادو)جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ لياقت علي جتوئي جو جوهي پهچڻ تي سندس مداحن جوهي  ڪاليج کان نئين ڪالوني تائين گلن جي ورکا زبر دست استقبال ڪندي پريس ڪانفرنس حال تائين پهچايو. ان موقع تي جي ڊي اي اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي چيو ته  وڏيرو هجان هان ته کپي وڃا ها هنن وٽ ايترا پئسا ناهن جو لياقت علي خان جتوئي کي خريد ڪري سگهن.هنن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ جو هٿرادو اشو پيدا ڪيو پيو وڃي ايم اين وي ڊرين کي وڏا گهارا لڳل آھن پاڻي ٽن هفتن کان جاري آھي پر ڪوب بند ڪرڻ وارو ناهي اسان جي دور ۾ ٻوڏ خوشحالي ۾ تبديل ٿي ۽ حڪمت عملي سان پاڻي ڪراس ڪرايو جوهي جي عوام کي چوان ٿو ته پنهنجن مسئلن ۽ مستقبل لاءِ وڏي تعداد ۾ ٻاهر نڪري اچون عوامي جدو جهد جي ضرورت آھي خاموش نه پر هڪ آواز ٿي نڪرو مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا.ان موقع تي امداد خان لغاري،  عاشق علي زئنور،سرائي سڪندر علي رند، نياز علي ٻرڙو، محمد امين وگهيو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

سازش تحت ماڻھن کي ٻوڙي ماريو پيو وڃي: محمد خان لنڊ

ڪلوئي: سياسي ۽ سماجي اڳواڻ محمد خان لنڊ عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته ھاڪڙو پراڻ ۾ ايل بي او ڊي جي ڇوڙ ڪرڻ کانپوءِ يوسي سارھوڙ جي مختلف ڳوٺن جا رھواسي لُنڊ برادري جا 6 ماڻھو فوت ٿي چڪا آهن، ڪالهه ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب نوجوان عبدالغفار لُنڊ ٻڏي فوت ٿي ويو، ڳوٺ ٻنوھار، ڳوٺ ڪاٺڙي، ڳوٺ  اوڙينگ سميت وڏي آبادي وارن 30 ڳوٺن جا ماڻھو گهيري ۾ آهن، اهي ٻن ضلعن بدين ۽ ٿرپارڪر جي ڪنھن به جاءِ تي پھچي نٿا سگهن. ھي بيوس بڻيل مظلوم ماڻھن سان انتھائي ظلم ڪيو پيو وڃي، ھيستائين تڪ جو ڪوبه چونڊيل نمائندو يا ٿرپارڪر جي انتظاميه جو ڪوبه ماڻھو وٽن لڙي نه آيو آھي، هن چيو ته ھاڪڙو پراڻ جي غلط پلاننگ ڪري ڪلوئي تعلقي جي ٻن يوسيز ۾ ھٿرادو تباھي آندي پئي وڃي ۽ اتي رهندڙ ھڪ برادري کي تباھ ڪرڻ جي سازشي پلان تحت ماڻھن کي ٻوڙي ماري سندن ڳوٺن جي 90 سيڪڙو آبادي واري علائقي کي شڪور ڍنڍ ۽ سمنڊ بنايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.