اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ تحفظ آئين بلوچستان جي مسئلن ۽ ملڪ ۾ عدم استحڪام تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي انا مان نڪري ڇو ته بلوچستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي هن وقت سنجيده اجلاس جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن سان گڏ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو ته اسان جي اتحاد کي بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان اسپيڪر سان ملاقات جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان مان پاڻ اسيمبليءَ جي فلور تي ڳالهائي رهيو آهيان ته بلوچستان جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، پر حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ اڳوڻي وڏي وزير اختر مينگل ان صورتحال کان مايوس ٿي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جيڪڏهن پارليامينٽ جي ڪري پنهنجي علائقي ۾ عزت ختم ٿي وڃي ته پوءِ ان پارليامينٽ جي ڪا حيثيت ناهي. پريس ڪانفرنس ۾ محمود اچڪزئي چيو ته سموريون پارٽيون آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکن ٿيون، ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا خميس کان ڪم شروع ڪندي، اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي غلطين کي درست ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان زور سان آندلو حڪومت جي موڪل ڪرائينداسين، بلوچستان تي ڳالهائڻ وارو ايترو مجبور ٿيو جو استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پارليامينٽ کي طاقت جو سرچشمو هئڻ گهرجي، اي پي سي گهرائڻ لاءِ عوام سان رابطو شروع ڪنداسين. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ لطيف کوسا چيو ته حڪومت گدڙ ڀڀڪيون نه ڏئي. اهو شور مچائڻ بند ڪري ته هو آئين ۾ ترميم ڪري ڪنهن جي مدي ۾ واڌ ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته وٽن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ناهي.8 سيپٽمبر تي جلسو ٿيندو ۽ اهو فيصلو اٽل آهي. محمود خان اچڪزئي جي اڳواڻي ۾ سڄي پاڪستان ۾ ريليون به ڪڍيون وينديون.