ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي، ٽيڪسٽائل صنعت کي خطرو

اسلام آباد(م ڊ) آگسٽ جي آخري مهيني ۾ سنڌ ۽ پنجاب مان ڪپهه جي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو تائين خطرناڪ گهٽتائي سبب ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ پريشاني جي  لهر پکڙجي وئي آهي. جيڪي پرڏيهي مارڪيٽن مان اعليٰ پرڏيهي مٽاسٽا جي قيمت تي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي مجبور آهن. هڪ رپورٽ موجب، پنجاب ڪراپ رپورٽنگ سروس (CRS) ۽ پاڪستان ڪاٽن گنرز ايسوسيئيشن (PCGA) پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۾ 3 لک کان وڌيڪ ڳٺڙين جو فرق آهي. جنهن صنعت جي مستقبل جي خريداري جي حڪمت عملي کي مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.  پاڪستان ڪاٽن گنرز ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 31 آگسٽ تائين سڄي ملڪ ۾ 12 لک 26 هزار ڳٺڙين جي پيداوار ٿي آهي، جيڪا گذريل سال جي ساڳئي عرصي ۾ پيدا ٿيندڙ 30 لک 40 هزار ڳٺڙين جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ڏيکاري ٿو. ڪپهه جي پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي جو سبب مختلف مسئلن کي قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ پوکي جي شروعاتي شرح ۾ گهٽتائي، جون ۽ جولاءِ ۾ ڊگهي گرمي جي لهرن سبب ميوي جي گهٽتائي، آگسٽ ۾ تيز برساتن، فصل کي کارئڻ وارين مکين ۽ گلابي ڪپهه جي ڪيڙن جا حملا شامل آهن. انهن ۾ فصلن جي گهٽجندڙ زمين، تحقيق جي کوٽ، مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ هيرا ڦيري، فصل جي منافعي ۾ گهٽتائي ۽ حڪومت پاران تحقيق ۽ ترقي لاءِ سپورٽ ۾ گهٽتائي شامل آهي.

  1. فلاحي پلاٽ تي ڪمرشل سرگرميون، ڌرين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾گلستان جوهر فلاحي پلاٽ تي ڪمرشل سرگرمين ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت ڪراچي جي مئير،ڪي  ڊي اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 26سيپٽمبر تي جواب طلب ڪري ورتو آهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سموران ڌرين کي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته بلاڪ 3گلستان جوهر ۾ فلاحي پلاٽ تي ڪمرشل سرگرميون ٿي رهيون آهن .عدالت 2017ع ۾ اسٽي آرڊ جاري ڪيو هو .

  1. بلوچستان ۾ ڪنهن بلوچ نه پر دهشتگردن پاڪستانين کي قتل ڪيو: سرفراز بگٽي

ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته گذريل مهيني بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي واري واقعي ۾ ڪنهن بلوچ نه پر دهشتگردن بيگناهه پاڪستاني شهرين کي بسن تان لاهي قتل  ڪيو، دهشتگرد آسان هدفن کي نشانو بڻائيندا آهن، بلوچستان ۾ ڪنهن کي به رعايت نه ڏيندس ، ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ بيگناهه شهرين کي بسن مان ڪڍي ماريو ويو، ڪنهن بلوچ ڪنهن پنجابي يا پٺاڻ کي ناهي ماريو، اهي دهشتگرد آهن ۽ هنن پاڪستانين کي شهيد ڪيو آهي.بلوچستان جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگرد آسان هدفن کي نشانو بڻائيندا آهن، بلوچستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي ڪا رعايت نه ملندي، بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.سرفراز بگٽي چيو ته دهشتگردن ماڻهن کي بيدردي سان شهيد ڪيو، بلوچ هميشه جنگين ۾ رهيا پر پوءِ قدرن ۽ روايتن موجب ڪم ڪيا ويا، هاڻي بلوچن جي نالي تي ڪارروايون ٿي رهيون آهن پر ان جو بلوچن سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته  بلوچستان اسيمبلي دهشتگردي جي مذمت ڪئي، هو بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، شاگردن کي آڪسفورڊ اسڪالرشپ تي موڪليو ويندو، اهو فيصلو بلوچستان جي عوام کي ڪرڻو آهي ته ڪير صحيح خدمت ڪري رهيو آهي، اسان کي گورننس جي ماڊل کي بهتر بڻائڻو پوندو.

  1. ڪراچي ۾ ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ 3 ڦورو مارجي ويا، هٿيار هٿ

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي ۾ ٻن مختلف هنڌن تي پوليس سان مقابلي دوران3 ڌاڙيل مارجي ويا. نارٿ ڪراچي ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ پوليس ۽ شهرين جي فائرنگ ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا.پوليس موجب نارٿ ڪراچي سيڪٽر ايڪس آءِ  بي ۾ هٿياربند ڦر لٽ ڪري رهيا هئا ته موٽرسائيڪل سوار شاهين فورس جا اهلڪار گشت تي پهتا.  پوليس اهلڪارن کي ڏسندي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن تي پوليس اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ ٻه ڦورو خادم حسين ۽ ساجد علي مارجي ويا. ان حوالي سان پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدارن وٽان هٿيار، موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا آهن. ٻنهي ڦورن جا لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي شريف آباد واري علائقي ۾ ڦر لاءِ ايندڙ ڦورو کي شهري فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته تيل جو واپاري پنهنجي ساٿي سان گڏ بئنڪ مان 8 لک رپيا کڻي وڃي رهيو هو، مزاحمت تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.جوابي فائرنگ ۾ ڦورو مارجي ويو.  پوليس موجب مارجي ويل چور جي سڃاڻپ رانا جاويد جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جوابدار جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪري ورتا. فوتي جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.