ڪار ساز حادثي ۾ پوليس ڪا به ڪوتاهي نه ڪري: ضياءَ الحسن لنجار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار واضح ڪيو آهي ته ڪارساز ٽريفڪ حادثي ڪيس ۾ ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه ايندو. صوبائي گهرو  وزير ضياءَ لنجار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارساز ٽريفڪ حادثي جو ڪيس ميرٽ موجب هلي رهيو آهي، باقي ڪيس عدالت ۾ ويندو. ضياءَ لنجار چيو ته ڪيس ۾ پوليس جي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيندي، پوليس نتاشا جي ڪيس ۾ ڪڏهن به پوئتي نه هٽندي، جوابدار جي ميڊيڪل رپورٽ اچي وئي آهي جنهن موجب چالان جاري ڪيو ويندو. پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن جون پناهه گاهون آهن، جن خلاف منظم ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گهرو وزير چيو ته ڪراچي جون حالتون هاڻي بهتر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته شهر ۾ جتي به پاڻي گهٽ ٿئي ٿو اتي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.