ڪراچي: سنڌ ۾ سرڪاري يونيورسٽيون مالي بحران جو شڪار آھن، ڪراچي يونيورسٽيءَ لاءِ وفاقي حڪومت کان ھڪ ارب رپيا اضافي گھريا ويا آهن، يونيورسٽي بابت صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران جواب ڏيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽي سئو اھڙن ماڻھن جي نشاندهي ٿي آھي جيڪي قائدن جي خلاف پينشن وصول ڪري رھيا آھن، ھن چيو ته 2200 مان ٽي سئو پينشنرن کي ڪڍڻ سان 40 ملين رپين جي بچت ٿي آھي، صوبائي وزير ٻڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي شاگردن کان فيس جي مد م 340 ملين رپين جون رھتون وصول ڪيون آھن، جڏھن ته ڪراچي يونيورسٽي جي آمدني ۾ اضافي لاءِ ڪراين کي 50 کان 200 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪاروائي دوران پيپلزپارٽي جي ميمبر ھير سوھو چيو ته چانورن جي فصلن جو اگهه مقرر نه ٿي سگھيو آھي جنھن ڪري آبادگار سخت پريشان آھن، زراعت جي وزير کي درخواست آھي ته نوٽيس وٺي ۽ سرڪاري اگھه مقرر ڪيا وڃن، محمد علي ملڪاڻي چيو ته وفاقي حڪومت گذريل بجيٽ ۾ يونيورسٽين جي فنڊنگ بند ڪرڻ جو چيو ھو، وڏي وزير جي مداخلت تي بجيٽ م پئسا رکيا ويا آهن، اسان کي وفاقي حڪومت جي مدد جي ضرورت آھي، ھن انڪشاف ڪيو ته ھر سال خرچ وڌن پيا، يونيورسٽين جي پنھنجي آمدني مان خرچ پورا نٿا ٿين، ھن چيو ته سنڌ ۾ ڪجھه ڪاليجن کي يونيورسٽين جو درجو ڏيڻ جي منصوبي تي ڪم ٿي رھيو آھي.