گهوٽڪي ۾ بااثر شخص پاران پورهيت تي وحشياڻو تشدد، وڊيو وائرل

گهوٽڪي(ڊ_ر) گهوٽڪي جي قادرپور روڊ تي گهوٽڪي جي ڀوتارن جي ويجھي مائٽ ذاڪر لنڊ جو پورهيت مولا بخش ملڪ مٿان وچ شهر  تشدد ڪرڻ جي وڊيو وائرل ٿي وئي.وڊيو ۾ سري عام بااثرن جو مائيٽ شخص پورهيت مٿان تشدد ڪري رهيو آهي.تشدد واري وڊيو عوامي آواز هٿ ڪري ورتي.تشدد جو شڪار ٿيل پورهيت کي وارثن پاران خانگي اسپتال داخل ڪرائڻ جا اطلاع آهن، بااثر جوابدار خلاف پوليس به ڪا ڪاروائي نه ڪئي. وڏانهن تشدد جو شڪار ٿيل پورهيت جي وارثن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو. هوڏانهن پاڪستان هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم پاڪستان جي چيئرمين محبوب علي چانگ پاران سخت مذمت ڪندي چيو ته افسوس ناڪ واقعي ۾ ملوث بااثر جوابدار کي فورن گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو وڃي، هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايڇ آر پي ايف جي سموري ٽيم متاثر جي وارثن سان گڏ آهي، هن پنهنجي ليگل ٽيم کي فورن متاثر جي وارثن سان ملاقات ڪري قانوني سهڪار ڪرڻ جون هدايتون ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.