اليڪشن ڪميشن پاران خرچن تي بريفنگ ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي اليڪشن ڪميشن جي  ميمبرن، ملازمن جي پگهارن، خرچن ۽ عام چونڊن جي خرچن تي بريفنگ ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس همايون مهمند جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن جي ايجنڊا ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ملازمن جي پگهارن، سفري خرچن ۽ 8 فيبروري جي چونڊن ۾ ٿيل خرچن جا تفصيل گهريا ويا هئا.اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري پارلياماني معاملن واري وزارت کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي، ڪنهن وزارت جي ماتحت ناهي، اليڪشن ڪميشن جا خرچ چارجڊ خرچن ۾ اچن ٿا.خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي بجيٽ تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ناهي ٿيندي، ڪميشن ڪميٽي کي گهربل معلومات فراهم ڪرڻ جي پابند ناهي.ڪميٽي چيئرمين همايون مهمند چيو ته رولز تحت اسين ڪنهن به شخص، دستاويز، رڪارڊ طلب ڪرڻ جو اختيار آهي،  اسان اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي گهرائي سگهون ٿا.پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت جي اختيارن ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانون سازي وارو معاملو شامل آهي.سينيٽر محسن عزيز چيو ته اليڪشن ڪميشن جو خط رد ڪيو وڃي، اليڪشن ڪميشن پي اي سي ۾ آئي هئي. پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري چيو ته معاملو سينيٽ چيئرمين ڏانهن سندس هدايت ۽ راءِ لاءِ موڪليو وڃي.همايون مهمند چيو ته مان ان تي استحقاق ڪميٽي ڏانهن ويندس، اها سينيٽ جي بي عزتي آهي، اسان سينيٽ چيئرمين کان راءِ وٺون ٿا، منهنجي خيال ۾ ان تي استحقاق ڪميٽي ڏانهن وڃڻ گهرجي، پر پرويز رشيد جي راءِ تي ٿورو صبر ٿا ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.