اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته اها حقيقت آهي ته عوام هن وقت بجلي جي اگهن سبب پريشان آهي، اسان کي توانائي جا متبادل ذريعا اختيار ڪرڻا پوندا. اسلام آباد ۾ بجليءَ جي ورڇ واري نظام تي ٿيل مشاورتي اجلاس کي خطاب ڪندي اسپيڪر اياز صادق چيو ته سڄي دنيا ۾ بجلي جي قيمتن سبب عوام پريشان آهي. هن چيو ته ڊالر جي اگهه ۾ واڌ سان بجلي جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو آهي، آءِ پي پيز جي قيام وقت ڊالر جي قيمت تمام گهٽ هئي. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ به بجليءَ جي قيمتن ۾ اضافي جو هڪ سبب آهي.