فيض حميد جي ٻاهرين ملڪ فوج مخالف عنصرن سان رابطن جو انڪشاف

اسلام آباد(عمر چيما+فخر دراني)گرفتار ٿيل آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر) فيض حميد خلاف وڌيڪ ثبوت ملي ويا، ٻاهرين ملڪ فوج مخالف عنصرن سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي،ٻاهر ويٺل يوٽيوبرن کي فوج اندريان معلومات فراهم ڪئي وئي ،گيجسٽس هٿ اچي ويا، انهن جي فارنزڪ ڪئي پئي وڃي،فيض حميد خلاف فوج خلاف ڀڙڪائڻ ۽ جاسوسي جا ڪيس به بڻجي سگهن ٿا،ان ڪيس ۾ وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي، جڏهن ته آرمي چيف خلاف بغاوت واري معاملي تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ڪارروائي اڪيلي فيض حميد خلاف نه ٿيندي ان ۾ عمران خان کي به شامل ڪيو ويندو،9 مئي واقعن جي حوالي سان عمران خان ۽ فيض حميد خلاف گڏيل ڪيس هلندو ڇو ته ٻنهي وچ ۾ منصوبابندي جا ثبوت ملي ويا آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 04 سپٽيمبر 2024ع تي شايع ٿيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.