پگهاردار طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڀري پيو، ملڪ ڪيستائين ائين هلندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي تي اعتراض نه آهي، بي آءِ ايس پي  جي ذريعي مستحق طبقي کي سبسڊي ڏئي سگهجي ٿي، ملڪ ۾ 43 سيڪڙو شعبا هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٽيڪس ادا ڪن ٿا، پگهاردار طبقو جي ڊي پي ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، هي ملڪ ڪيترو وقت ائين هلندو رهندو؟،  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪي پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ مهانگائي جي شرح 9.6 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي، اسان جي ڪرنسي مستحڪم ٿي رهي آهي، پاليسي ريٽ به آهستي آهستي وڌي رهيو آهي گهٽتائي اچي رهي آهي، اسان جي معيشت صحيح رخ ۾ آئي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هتي جا 43 سيڪڙو شعبا هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٽيڪس ادا ڪن ٿا، انهن کي گذارش آهي ته ملڪ جو بار کڻن، ملڪ خيرات تي نٿا هلي سگهن هر طبقي کي ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.