اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين ڏيڻ جو فيصلو اسان نه پر نگران حڪومت ڪيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ صوبن جي زمينن جي الاٽمينٽ واري معاملي تي بحث ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ جي سيد خورشيد شاهه چيو ته هن سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ آهي، لکين ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هن پڇيو ته توهان فيصلو ڪيو ته توهان کي 48 لک ايڪڙ زمين گهرجي يا پاڪستان؟ آبي وسيلن واري وفاقي وزير سينيٽر مصدق ملڪ جواب ڏنو ته جيڪڏهن توهان زمين ڏيڻ جو فيصلو نه ڪيو آهي ته پوءِ فيصلو واپس وٺو. توهان زمينون ڏئي به رهيا آهيو، واپس به نه ٿا وٺو ۽ اعتراض به ڪريو ٿا. وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ جو اختيار آهي فيصلو ڪيو ته اها ڳالهه ئي ختم ٿي ويندي.