ايڇ آر سي پي پاران ميڙاڪن تي پابندي واري بل جي مخالفت

اسلام آباد(م ڊ) انساني حقن بابت تنظيم ايڇ آر سي پي اسلام آباد ۾ امان امان جي نالي تي ضلعي مئجسٽريٽ کي عوامي ميڙاڪن تي پابندي لڳائڻ جو اختيار ڏيڻ وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ واري عمل تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته بل عوامي ميڙاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ طاقت جي استعمال ۽ نظربند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو.ايڇ آر سي پي جو چوڻ آهي ته هي بل آئين جي آرٽيڪل 16 تحت پرامن ميڙاڪن جي آزادي جي ماڻهن جي حق جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو. جيڪڏهن بل منظور ٿئي ٿو ته اهڙو قانون نه رڳو سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ٿيڻ جو امڪان آهي، پر رياست طرفان تڪراري يا تڪليف ڏيندڙ مسئلن جي حوالي سان متحرڪ ڪارڪنن تي به استعمال ٿي سگهي ٿو، انڪري اسين قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کان پرزور مطالبو ٿا ڪريون ته بل رد ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.