اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان 9 مئي جي ڪيسن ۾ فوجي عدالت ۾ ٽرائل لاءِ پاڻ کي فوجي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اڳوڻي وزيراعظم جي امڪاني فوجي ٽرائل روڪڻ لاءِ درخواست تي اعتراض داخل ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي وڪيل عزير ڪرامت ڀنڊاري طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ قانون واري سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ وفاق کي ڌر بڻايو ويو آهي.ان کان علاوه آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ آءِ جي جيل کي به درخواست ۾ ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي فوجي جي حوالي ڪرڻ کان روڪيو وڃي، اڳوڻي وزيراعظم کي سول عدالتن ۽ سول حراست ۾ رهڻ کي يقيني بڻايو وڃي.