ججن جو انگ وڌائڻ جو بل قومي اسيمبلي ۾ ملتوي

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ بابت بل کي روڪي ڇڏيو آهي. قومي  اسيمبليءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ جي بل جي رٿ حڪمران پارٽي جي ميمبر دانيال عزيز پيش ڪئي. بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو تعداد 17 مان وڌائي 23 ڪيو وڃي. هن چيو ته ملڪ جي آبادي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيسن جو انگ 54 هزار کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ترميمي بل جو مقصد جلد انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر بل جي مخالفت ڪندي چيو ته آئين تحت اهڙي ترميم صرف حڪومت ئي آڻي سگهي ٿي، پرائيويٽ ميمبر بل ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جي تعداد تي قانون سازي نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ججن جو انگ وڌڻ سان قومي خزاني تي بار وڌندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاڪستان ۾ هڪ سال ۾ 150ڏينهن ڪم ڪري ٿي، هندستان ۾ سپريم ڪورٽ 190 ڏينهن ڪم ڪري ٿي. بئريسٽر گوهر چيو ته اسان کي سپريم ڪورٽ جي ڪم جي ڏينهن ۾ واڌ ڪرڻ گهرجي ته جيئن رولڙي جو شڪار ڪيسن ختم ڪري سگهجن. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته عدليه کي موڪلن ۾ گهٽتائي بابت سوچڻو پوندو. هن چيو ته اهڙو بل سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.