امانت  آخرڪار موٽائڻي آھي

تحرير: امر جليل

ھي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان موت ۽ مرڻ کان پيڇو ڇڏائڻ لاءِ ڊوڙندو رھندو هوس،مان پنھنجي مرضي سان نھ ڊوڙندو ھوس.منھنجي ڪارڊيالوجسٽ مونکي تنبيھ ڪئي ھئي تھ ميان مٺو،تون لڳاتار ڊوڙندو رھھ، جيستائين ڊوڙندو رهندين ، تيستائين  جيئرو رهندين.ڊوڙڻ چڏي ڏيندين تھ مري ويندين،ھي دلفريب دنيا مونکي سٺي لڳي ٿي، مان هتان  وڃڻ نٿو چاهيان.هتي رهڻ لاءِ مان  ڊوڙندورھندو ھوس.مان  جنهن دور جي ڳالھ توھان کي ٻڌائي رھيو آھيان، اهو ڏاڍو ُ پراسرار دور هو.تڏھن  اسلام آباد جي آبادي هڪ لک کان گهٽ ماڻهن تي ٻڌل هئي. مشورو ڏيندڙ  دريا دل مونکي سج لٿي کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪندا ھئا. خونخوار جانورن جو ذڪر ڪرڻ بعد،شد و مد سان  ُسور جو ذڪر ڪندا هئا. چوندا هئا ”سج لٿي کان پوءِ خنزيرن جا ڌڻ گرين بيلٽ مان نڪري ايندا آهن ۽ اسلام آباد تي راڄ  ڪندا آهن.“  اسان جي نفسيات ڏاڍي عجيب وغريب ھوندي آهي. اسان روزي نماز جا پابند نھ سھي ،دوستن يارن سان گڏ جي ُٽن ھئڻ کي عيب نٿا سمجهون، رشوت ڏيڻ يا رشوت وٺڻ کي اسين برو نه ٿا سمجهون. مختلف سرڪاري پروجيڪٽس کي ٻرو ڏيڻ  ۾ اسان کان وڏو  هنرمند  توهان کي ڪائنات  ۾ ڪٿي به نه ملندو. عيش و عشرت کي پنهنجو حق سمجهون ٿا. پر عقيدي  جي حوالي سان ڪجھ شيون اهڙيون آهن جيڪي اسين هڪ لمحي لاءِ قبول نٿا ڪريون.خطاڪار کي اسين پاڻ پڪڙيون ٿا.پاڻ  عدالت بڻجي ڏوھي کي سزا ٻڌايون ٿا ۽ سزا تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ ڦاسي گھاٽ جو ليور خود ھلائيندا  آھيون.

بدبخت ڏوھاري کي سرعام ڪوڙا  ھڻندي  آخري انجام تائين پهچائيندا آھيون،  ان مان اسان جي عقيدي ۾  اسان جي روحاني ڪيفيت  جو توھان بخوبي اندازو لڳائي سگهو ٿا. اهڙي بيھوديون ڳالھيون اسين ھڪ  لمحي لاءِ به برداشت نٿا ڪري سگهون. ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو،ڪجھ وقت اڳ  هڪ گستاخ فيڪٽري مئنيجر جي اھڙي حالت ڪئي ھئي جو  سڄي دنيا جي ماڻهن کي اسان  ڌوڏي ڇڏيو هو. برداشت نھ ڪرڻ جوڳين شين ۾ هڪ بدبخت ُسور جو نالو بھ اچي ٿو.اسين  ويٽنام، ڪمبوڊيا، ڪوريا، چين ۾، ڪتن، ٻلين ۽ وڏن ڪوئڻ جو قورمو تناول ڪري سگهون ٿا، پر ُسور جي گوشت جي ھڪ  ُٻوٽي  اسين پنھنجي پليٽ ۾ برداشت نھ ٿا ڪري سگهون. اسين بکيا مري وينداسين،پر ُسور جي گوشت کي  آخري ساهه تائين هٿ  نھ ٿا لڳائي سگھون.

اسان ڄاڻون ٿا ته ُسور ڇتي ڪتي وانگر  اسان کي ڏاڙھي  نھ ٿو سگھي.شينهن ۽ چيتن  وانگر ُسور اسان کي چيري ڦاڙي نھ ٿو سگهي. خونخوار جانور وانگر ُسور گوشت خور جانور  نه آهي، پر اسين ُ سورکان تمام گهڻي نفرت ڪريون ٿا. اسين شينھن ۽ چيتي کان نفرت نھ ٿا ڪريون.  اسين شينھن ۽ چيتيکان  ڊڄون نھ ٿا.اسين خونخوار جانورن کان  ڊڄون نھ ٿا. رڍ، ٻڪري، سھيڙ، ڳئون، ڍڳي ۽ گينڊي کان  ڊڄون نھ ٿا. هاٿي کان ڊڄون نه ٿا. پر جڏهن عالمن ۽ دانشورن اسان کي خبردار ڪيو ته سج لهڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي ڊوڙ ڊڪ کان  پاسو ڪيو. سج لٿي کان پوءِ ُسور  اسلام آباد جي روڊن ۽ رستن تي نڪري اچن ٿا ۽  توهان جو جيئڻ حرام ڪري  ڇڏين ٿا. تڏهن کان اسان  اسلام آباد ۾ سج لهڻ کان پوءِ پاڻ بھ گم ٿي ويا ھئاسين. ڊپ  جي ڪري اسان سج لٿي کان پوءِ اسلام آباد جي رستن ڏانهن نظر ڪري بھ  نه ڏٺو ھو. سج لٿي تائين،مان  مارگلا روڊ تي ڊوڙندو رهندو هوس. مان  پنھنجي مرضي سان نھ ڊوڙندو ھوس،  مون کي ڪارڊيالوجسٽ چيو ھو  ته ٻچا ! جيستائين ڊوڙندو رھندين،تيستائين  جيئرو رھندين ،ڊوڙڻ ڇڏي ڏيندين، مري ويندين.ھي فريبي دنيا مون کي سٺي لڳي ٿي، ڏٺل دنيا ڇڏي ڪري مان ڪٿي  نھ ٿو وڃڻ چاهيان. پر هاڻي مان ڊوڙي نه ٿو سگهان. منهنجي ڪارڊيالوجسٽ کي  ٻڌائي ڇڏجو . لڳي ٿو ته هي دلفريب دنيا  ڇڏڻ وڃڻ جي گھڙي اچي پھتي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو ته مارگلا روڊ تي ڊوڙندي مارگلا جي سرسبز پھاڙين تي  چڙهي ويندو هوس. هڪ دفعي مارگلا جي ٽڪرين ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي مون کي هڪ گدڙ ڏسڻ  ۾ آيو.ا هو ٿڪل  ُٽٽل ۽ بي وس نظراچي رھيو ھو، ھڦندو ڪنبندو  گدڙ جڏھن منهنجي ڀرسان لنگهيو ته مون کانئس پڇيو.” مونکي تھ تنھنجي پٺيان ڪو بگھڙ،رڇ،چيتو ڏسڻ ۾ نھ پيو اچي.تون ڪنھن کان  پنهنجي قيمتي جان بچائڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهين ؟“ هن جواب نه ڏنو. ڊوڙندو رهيو. مون نرم ۽ گرم لهجي ۾ چيو، ”ڀاءُ گدڙ، مان توکان پڇي رهيو آهيان. توھان جو پيڇو ڪندي، مون کي بگھڙن ڏسڻ ۾ نھ ٿو اچي. تون ڪنهن کان جان بچائڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهين؟“ هن ھڦندڙ ڪنبندڙآواز ۾ چيو، ” جان بچائڻ لاءِ دوڙندڙ  گدڙ ڪونه ھوندا آهن. جيئن تون.“  مون کي سمجھڻ ۾ دير نه لڳي. مون همدرديءَ  جتائيندي چيو، ”انهن  سي آءِ ڊي وارن اسان عام ماڻهن جي زندگيءَ  حرام ڪري  ڇڏي آهي“.گدڙ چيو  ”مان  سي آءِ ڊي وارن کان جان بچاڻ لاءِ نھ ڀڄي رهيو آهيان،“ مون تعجب مان پڇيو، ”ته پوءِ ڇا ڀتا خورن کان ڀڄي رهيو آهين؟“  ”مان هڪ دفعي ڏاڍو بکايل ھوس،  ڀوتار سائين، هڪ ووٽ  جي بدلي مون کي برياني کارائي ھئي “ گدڙ چيو. جيستائين وڏو ڀوتار سائين جيئرو هو، مان مفت برياني جي بدلي ان کي ووٽ ڏيندو رھيس. وڏو ڀوتار سائين وڃي وسيو آھي جنت ۾، هاڻي ننڍو ڀوتار سائين پنجاهه سال اڳ کاڌل مفت ھڪ  برياني جي پليٽ  جي بدلي ۾ ووٽ گهري رهيو آهي. هن پنھنجا غنڊا منھنجي پٺيان لڳائي ڇڏيا آھن. انهن بدمعاشن کان بچڻ لاءِ مان ڊوڙندو رهندو آھيان. ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، گدڙ پڇيو، ” تون ڇو ڊوڙي رهيو آهين؟ مون چيو ”مون وٽ  امانت آهي.اھا مونکي  هر حال ۾ موٽائڻي آھي. پر مان امانت واپس ڪرڻ نٿو چاهيان. ان ڪري مان ڊوڙي رھيو آهيان“

جڏهن عالمن ۽ دانشورن اسان کي خبردار ڪيو ته سج لهڻ کان پوءِ اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي ڊوڙ ڊڪ کان  پاسو ڪيو. سج لٿي کان پوءِ ُسور  اسلام آباد جي روڊن ۽ رستن تي نڪري اچن ٿا ۽  توهان جو جيئڻ حرام ڪري  ڇڏين ٿا. تڏهن کان اسان  اسلام آباد ۾ سج لهڻ کان پوءِ پاڻ بھ گم ٿي ويا ھئاسين. ڊپ  جي ڪري اسان سج لٿي کان پوءِ اسلام آباد جي رستن ڏانهن نظر ڪري بھ  نه ڏٺو ھو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.