ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ مختلف شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ٿاڻن جو سسٽم هلائيندڙ ٽن پوليس انسپيڪٽرن سميت 11 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري بي ڪمپني موڪلي ڇڏيو. معطل ٿيلن ۾ ايس ايس پي ايسٽ جو ڊي ايس پي ايڊمن احسان چنو به شامل آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران پاران معطل ڪري بي ڪمپني موڪليلن ۾ ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا جو پي آر او احسان چنو، ضلعي ملير جو انسپيڪٽر محمد امير حميد، انسپيڪٽر شاهرخ شيخ، ضلعي ڪورنگي جو سب انسپيڪٽر محمد فخر عالم، سب انسپيڪٽر فياض احمد، ضلعي گهوٽڪي انسپيڪٽر فيصل ضياءِ قريشي، سي آءِ اي ڪراچي جو اي ايس آءِ سفير علي، سڪيورٽي ٽو ڪراچي رينج جو هيڊ ڪانسٽيبل اعجاز علي، ضلعي سجاول حيدرآباد رينج جو هيڊ ڪانسٽيبل عبدالحفيظ، ضلعي ڪياماڙي جو هيڊ ڪانسٽيبل تسليم نواز ۽ پوليس ڪانسٽيبل ضلعي ٽنڊو الهيار جي هيڊ ڪانسٽيبل عمران علي شامل آهن. پوليس ذريعن موجب ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا آفيس جو ڊي ايس پي ايڊمن احسان چنو رشوت وٺڻ عيوض ايس ايڇ او ۽ وڏن منشين جو مقرريون ڪرائيندو ھو جنهن جون شڪايتون آءِ جي سنڌ کي مليون ھيون جنهن بعد آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نوٽيس وٺندي انسپيڪٽر احسان علي چني ۽ ٻين 11 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري بي ڪمپني ڏانهن موڪلي ڇڏيو آھي.