اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته محسن نقوي پاڻ فيصلو ڪري ته هن کي ڪهڙي پوزيشن ۾ رهڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار محسن نقوي پاران 2 عهدا رکڻ بابت ميڊيا ڳالهائيندي ڪيو. راڻا ثناءُ الله چيو ته گهرو وزارت ۽ چيئرمين پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جا عهدا فل ٽائيم نوڪري وانگر آهن، راڻا ثناءُ الله چيو ته اسپورٽس جي هر باڊي ۾ ميرٽ جي ابتڙ ماڻهو ويٺل آهن ۽ اهي ايترا طاقتور آهن جو جيڪڏهن اسٽينڊ ورتو ويو ته اسٽينڊ ئي گم ٿي ويندو. محسن نقوي پاران بلوچستان جي هڪ ايس ايڇ او بابت ڏنل بيان تي راڻي ثناءُ الله چيو ته محسن نقوي کي ايس ايڇ او وارو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، زبان ترڪي وئي هوندس. ياد رهي ته محسن نقوي چيو هو ته جڏهن کان هن اسپورٽس جو شعبو سنڀاليو آهي ماڻهو هن کي برداشت نه پياڪن ۽ هن اها ڳالهه به ڪئي ته هو ڪرڪيٽ ٽيم کي درست ڪري ئي پوءِ عهدو ڇڏيندو.راڻا ثناءُ الله چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مڌي ۾ واڌ بابت ڳالهائيندي چيو ته چيف جسٽس مدي ۾ واڌ واري ڳالهه تسليم نه ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته سڀني جي مدي ۾ جيڪڏهن واڌ ڪئي ويندي ته پوءِ صحيح رهندو.