ڪراچي (رپورٽر) ڊي آءِ جي جيل خاناجات سوشل ميڊيا تي هلندڙن خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ڪارساز واقعي جي جوابدار عورت نتاشا سينٽرل جيل جي بيرڪ نمبر 4 ۾ قيد آهي ۽ سندس ذهني توازن به درست آهي، جوابدار عورت کي هڪ قيدي کي ملندڙ تمام سهولتون ميسر ڪيون ويون آهن، هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن موجب ته هوءَ رات جو گهر ويندي آهي ۽ جيل ۾ نه سهمندي آهي ته اهي سموريون خبرون ڪوڙيون آهن.