اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن کي بند نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ۽ يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن جي وفد م ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، وفاقي وزير راڻا تنوير جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران ڪو به هڪ طرفي قدم نه کنيو ويندو، ايم ڊي يوٽيليٽي اسٽور علي عامر جو چوڻ آهي ته اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪو به غريب ملازم بيروزگار نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب، يوٽيليٽي اسٽور جي سبسڊي ختم نه ڪرڻ جو مطالبو تسليم ڪيو ويو آهي.