حيدرآباد:صنعتڪار گوهر الله ۽ حيسڪو ملازم گرفتار

حيدرآباد(رپورٽر) ايف آءِ اي جي حيدرآباد ۾ وڏي ڪارروائي, شهر جو مشهور صنعتڪار سيٺ گوهر الله ۽ حيسڪو جو هڪ ملازم گرفتار. ٻڌايو پيو وڃي ته صنعتڪار سيٺ گوهر الله ۽ حيسڪو جي ملازم جي گرفتاري غير قانوني پاور پلانٽ هلائڻ جي الزام هيٺ عمل ۾ آئي آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب سالن کان غير قانوني طور تي 3.6 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ هلائي سرڪاري خزاني کي هڪ ارب رپين جو نقصان ڏنو ويو. جاچ ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سيٺ گوهر الله مشهور ڪاروباري گروپ جو ميمبر آهي. ايف آءِ اي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ هلندڙ آهي وڌيڪ گرفتاريون ٿيڻ جو به امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.