ڪراچي( رپورٽر) اقتصادي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي جو چوڻ آهي ته ملڪ ڏيوالو ٿي ويو آهي، اسان کي ڪو به قرض نه ڏئي رهيو آهي، اسان ڪمپنيون وڪڻڻ شروع ڪيون آهن پر ڪو به خريد نه ڪري رهيو آهي، جڏهن ته رهي سهي ڪسر پرڏيهي ڪمپنيون پوري ڪري رهيون آهن، جيڪي تيزيءَ سان پنهنجو ڪاروبار بند ڪري رهيون آهن. پرڏيهي ڪمپنيون ملڪ ڇڏي رهيون آهن. پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت جا شاهي خرچ ختم نه ٿي رهيا آهن، 37 ادارا بند ڪيا وڃن جيڪي وفاق جا ماتحت نه آهن، 53 سرڪاري ادارا بند ڪرڻ سان 33 ارب رپيا بچي ويندا، پر اڪثر ادارن کي ختم ڪرڻ بدران ضم ڪيو پيو وڃي. منصوبو ٺاهيو ويو. وزيراعظم چيو ته جيڪي ادارا بند ڪرڻا آهن انهن بابت آگاهي ڏني وڃي پر تجويز ڪيل 57 مان حڪومت پاران هڪ اداري کي بند ڪرڻ بابت منظوري ڪئي وئي، اھڙا ڪجهه فيصلا آهن جن جو ڪو سبب ئي ناھي. ھن چيو تھ منهنجي صلاح هئي ته پگهار کان علاوه خرچ ختم ڪيا وڃن، منهنجي استعيفا ڏيڻ جو مقصد هو ته سياسي ماڻهو آهن هي پهريان کان طئي ڪري ايندا آهن ته هنن کي ڇا ڪرڻو آهي، وزير اعظم ته چاهي پيو ته ادرا گهٽجن پر ڪميٽي جا منسٽر ۽ ٻيا نٿا چاهين ان ڪري مون سوچيو ته استعيفا ڏيان، احتجاجن آئون انڪم ٽيڪس هن سال ايڪسپائري ڊيٽ کان پوءِ ادا ڪندس، هن ڪميٽي ۾ منسٽر به شامل آهن. قيصر بنگالي چيو تھ حڪومت جي اولين ترجيح مالياتي خساري کي گهٽائڻ هجڻ گهرجي، اسان خرچ نه پيا گهٽايون اوڌر وٺون پيا . اسلام آباد ۾ وڃون ٿا ته لڳي ٿو ملڪ ۾ مسئلا آھن ئي نه، سيڪيورٽي بابت آئون نٿو ڳالهايان ڇو ته انهن جي بجيٽ اسان وٽ ناهي. قيصر بنگالي چيو ته ڪميٽي جو مرڪز سڀني سرڪاري ادارن کي بحال رکڻ توڙي انهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حق ۾ آهي، مونکي ڏک ۽ ڪاوڙ آهي ان ڪري مون استعيفيٰ ڏني آهي. ڪجهه طاقتور نٿا چاهين ته بي فائدي هلندڙ ادارا بند ٿين، اسان وٽ گهرايل هر اداري جي سربراہ جو چوڻ هو ته اداري ڀلي ڪجهه ناهي ڪيو ڀلي ڪو فائدو ناهي پر چون ٿا ادارو هلڻ گهرجي، مون تقريبن ڏيڍ لک هڪ کان سورهن گريڊ جي ملازمن کي فارغ ڪرڻ جي مخالفت ڪئي،يوٽيليٽي جي اسٽاف کي ڪڍڻ جي به مخالفت ڪئي، آئون چاهيان ٿو ته پگهار کان سواءِ جيڪي اضافي خرچ آهن اهي گهٽايا وڃن، 17 ادارن جي نجڪاري جي سفارش ڪئي .