اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم اڏڻ جي هوڏ تي برقرار آهي، پاڻي واري وزارت تڪراري ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت واري رٿا تيار ڪري ورتي آهي، ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياهه تي 5 نوان ڊيم ٺاهڻ جو پلان جوڙي ورتو آهي، ان حوالي سان پاڻي واري وزارت پاران سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪالاباغ ڊيم سميت 5 نوان ڊيم ٺاهڻ جي تياري مڪمل آهي، سينيٽ ڪميٽي جي چيئرمين شهادت اعواڻ جي صدارت هيٺ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر فيصل سليم رحمان، همايون مهمند ۽ سينيٽر پونجو ڀيل سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران پاڻي وزارت جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ به تياري مڪمل ڪري ورتي آهي. 5 نوان ڊيم اڏڻ سان گڏ انهن تي هائڊرو پاور منصوبا به تعمير ڪيا ويندا.ڪالاباغ ڊيم تي 36 سئو ميگاواٽ جو منصوبو تيار ڪيو ويندو. اهڙي طرح 21 سئو ميگاوٽ جو داسو ايڇ پي پي منصوبو ۽ 24 سئو ميگاوٽ جو پاٽن ايڇ پي پي منصوبو شامل آهي.سيڪريٽري بريفنگ ۾ چيو ته 4 هزار 714 ميگاواٽ جو ٿاڪوٽ ون ٽو ٿري به منصوبي ۾ شامل آهن.اهڙي طرح 7 هزار هڪ سئو ميگاواٽ جو بِنَجي ايڇ پي پي منصوبو شامل آهي.اجلاس دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبرن وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، پ پ سينٽر پونجو ڀيل چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت هڪ لفظ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيون.هن چيو ته ايجنڊا ۾ ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ئي ناهي ته پوءِ ان تي بحث نه ٿيڻ گهرجي.پونجو ڀيل چيو ته سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي، پهرين اها چوري روڪي وڃي.اي اين پي جي سينيٽر حاجي هدايت الله چيو ته ڪالاباغ ڊيم دفن ٿي چڪو آهي، ٽي صوبا ان کي دفن ڪري چڪا آهن ان ڪري هاڻي ان تي بحث ئي نه ٿيڻ گهرجي.جنهن بعد ڪميٽي چيئرمين ڪالاباغ ڊيم جي تعمير وارو معاملو ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ رکڻ جي هدايت ڪئي.30
91پاڻي ٺاهه تي عمل لاءِ رٿ منظور، ارسا چيئرمين سنڌ مان ڇو نٿو ٿي سگهي؟: نثار کهڙو
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ارڙهين ترميم ذريعي سنڌ حڪومت کي مليل ڪجهه اختيار واپس وفاق حوالي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جڏهن ته 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل رٿ بحث لاءِ منظور ڪئي وئي آهي.سنڌ اسيمبلي ۾ التوا واري رٿ تي ڳالهائيندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نثار کهڙي سوال ڪيو آهي ته انڊس روور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو چيئرمين سنڌ مان ڇو نٿو ٿي سگهي؟ نثار کهڙي چيو ته 1991ع ۾ پاڻي معاهدو پنجاب ۽ سنڌ اسيمبلي جي نمائندن وچ ۾ ٿيو هو. جنهن کان پوءِ ارسا ٺهي جنهن کي معاهدي تي عمل ڪرڻو هو ۽ پاڻي جي ورهاست طئي ٿيل فارمولي مطابق ڪرڻي آهي.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پاڻي تي پهريون حق اسان جو آهي، اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته منهنجي تڪ ۾ جمشيد روڊ، گرومندر ۽ لسٻيلا جا روڊ تباهه آهن. ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ڪيئن ڪم ڪندي آهي جو روڊ ٽن مهينن ۾ تباهه ٿي ويندا آهن؟ ٺيڪا ڪي ايم سي کان ورڪس اينڊ سروسز کي ڏنا وڃن.سعيد غني ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته برساتن ڪيترائي روڊ تباهه ڪري ڇڏيا آهن، برساتن دوران روڊن جي مرمت نٿا ڪرائي سگهون، ٻيهر خراب ٿي ويندا، سيوريج جو پاڻي به روڊن کي تباهه ڪري ٿو، برسات کانپوءِ سڀ کان پهرين وڏن روڊن جي مرمت ڪئي ويندي.جڏهن ته سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ڌماڪيدار مادو جي استعمال جي لائسنس جو اختيار وفاق کي ڏيڻ لاءِ بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگرد ڌماڪيدار مادو جي خريد، وڪري ۽ فراهمي دوران فائدو وٺي سگهن ٿا. انڪري وفاقي حڪومت کان مطالبو آهي ته ڌماڪيدار مادو جي استعمال جو اختيار پاڻ وٽ رکي.