مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) مخدوم جميل الزمان کي سياست ڇڏي شاعري ڪرڻ جو مشورو ڏيندڙ صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ پيپلزپارٽي جي اعليٰ قيادت خلاف نازيبا پوسٽون لکندڙ مخدوم حامين خلاف سنڌ حڪومت جون ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن، مخدوم جميل الزمان جو ويجهو ساٿي سيد ممتاز شاهه گرفتار ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي گهرو وزير خلاف پوسٽن کان پوءِ مخدوم هائوس سان لاڳاپيل ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي، ٻن ڏينهن دوران مختلف ضلعن جي پوليس مخدوم حامين جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌن منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب سڀ کان پهرين حيدرآباد پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائي ڪري مخدوم هائوس جا سوشل ميڊيا اڪائونٽ هلائيندڙ هالا واسي نوجوان اسامه ڪوريجو ۽ اڏيرو لال واسي قاضي اظهار جهيجو کي گرفتار ڪري جاچ جو دائرو وسيع وڌايو.جنهن کان پوءِ مخدوم جميل الزمان جي ويجهي کان ويجهي ساٿي سيد ممتاز شاهه کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي، ممتاز شاهه کي مٽياري ضلعي جي پاور فل ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي هو پراڻو جيالو هجڻ سان گڏ زڪوات ڪميٽي ضلعي مٽياري جو چيئرمين پڻ رهيو آهي، ذريعن موجب ممتاز شاهه کي ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ مخدوم هائوس ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، جيڪو ناراض پ پ ايم اين اي مخدوم جميل الزمان سان گڏ ڪراچيءَ کان ٻئي ڏانهن وڃي رهيو هو جتي ڊفينس واري علائقي مان کيس گرفتار ڪيو ويو، اهڙي تصديق سندس ڀاءُ سيد ظفر پڻ ڪري چڪو آهي.
مسرت جعفري ۽ ڪريم ڏنو ڪاڪا جو گهيرو تنگ
مٽياري: ممتاز شاهه جي گرفتاري سان گڏ پوليس مخدوم هائوس جي ويجهن ساٿين صوبائي وزير رليف مخدوم محبوب الزمان جي ويجهي ساٿي مير مسرت جعفري، سروري جماعت مٽياري ضلعي جي اڳواڻ ڪريمڏنو ڪاڪا سميت ٻين جي گهرن توڙي بنگلن تي ڇاپن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي.مخدوم هائوس سان لاڳاپيل اڪثر ڪوآرڊينيٽرن ۽ صلاحڪارن گرفتاري جي ڊپ کان پنهنجا موبائيل فون ئي بند ڪري ڇڏيا آهن.
موٽر وي اسڪينڊل ۾ به اهم گرفتارين جو امڪان
مٽياري: ذريعن موجب پيپلزپارٽي ۽ هالا جي مخدوم خاندان ۾ وڇوٽيون وڌي چڪيون آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ موٽر وي اسڪينڊل سميت ٻين ڪرپشن ڪيسن ۾ مٽياري ضلعي جي طاقتور ۽ اهم شخصيتن جي گرفتاري به ٿي سگهي ٿي.
چيف خليفي پاران مريدن توڙي مخدوم هائوس جي حامين کي بيان بازي کان منع
مٽياري: گذريل ڏينهن سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان جي چيف خليفي سيد نور محمد شاھ سروري جماعت جي مريدن توڙي مخدوم هائوس جي حامين کي بيان بازي کان پاسو ڪرڻ ۽ اهڙين ڪارروائين تي في الحال خاموش رهڻ جو چيو ويو آهي .