ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي زراعت کاتي سنڌ ۾ تازين برساتن سبب فصلن کي ٿيل نقصان جا شروعاتي انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ تازين برساتن سبب ڪيترائي فصل تباهه ٿي ويا آهن.آبادگارن کي 86 ارب 86 ڪروڙ روپين جو نقصان ٿيو آهي، 5 لک 41 هزار 351 ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، محمد بخش مهر موجب 2 لک 93 هزار 580 ايڪڙن تي بيٺل ڪپهه جو فصل تباهه ٿي ويو آهي، 35 هزار 271 ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل مڪمل تباهه ٿي ويو آهي، جڏهن ته 53 هزار 195 ايڪڙ زمين تي بيٺل کجين کي مڪمل ۽ 32849 ايڪڙن تي کجين کي جزوي نقصان پهتو آهي.زراعت واري وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 26 هزار 382 ايڪڙ زمين تي بيٺل ڪمند جو فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي ۽ 69 هزار 689 ايڪڙ فصل کي جزوي طور تي نقصان ٿيو آهي.وزير موجب کجيون 41 سيڪڙو، ڪپهه 21 سيڪڙو ، ٽماٽا 3.4 سيڪڙو، تر 22 سيڪڙو، بصر 58 سيڪڙو، مرچ 12 سيڪڙو ۽ ڀاڄين جو 18 سيڪڙو فصلن کي نقصان ٿيو آهي.هن چيو ته سنڌ جي جن ضلعن ۾ برساتن سبب فصلن کي نقصان پهتو آهي، انهن ۾ بدين، دادو، گهوٽڪي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، ٺٽو، سجاول، ميرپورخاص، خيرپور، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، شڪارپور، نوابشاهه، مٽياري، ٽنڊي محمد خان ۽ ٿرپارڪر شامل آهن جتي فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي. صوبائي وزير زراعت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ جزوي طور تي تباهه ٿيل فصلن کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن فصلن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.