اسلام آباد (بيورو) قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ نه ٿي چاهي، سندس مدي ۾ واڌ بابت بار بار ڳالهائڻ غير ضروري آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ مون ۽ اٽارني جنرل تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو مدي ۾ واڌ نه ٿو چاهي. وفاقي وزير چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ قابل احترام شخص آهي، سندس باري ۾ اهو چوڻ درست ناهي ته هو ايڪسٽينشن وٺي رهيو آهي، منهنجي ميڊيا دوستن کي گذارش آهي ته هاڻي ڪنهن ٻئي موضوع تي ڳالهايو، چيف جسٽس هڪ معزز شخص آهي، اسان کي هاڻي انهن جي توسيع بابت ڳالهائڻ بند ڪرڻ گهرجي.