اسلام آباد(م ڊ) رائيٽ سائزنگ ڪميٽي جي سفارش تي سول سرونٽ ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪميٽي جي سفارشن سان 60 هزار سرڪاري ملازم متاثر ٿي سگهن ٿا.ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين مرحلي ۾ متاثر ملازمن کي سرپلس پول ۾ موڪليو ويندو ۽ ٻئي مرحلي ۾ سرپلس ملازمن کي ٻين کاتن ڏانهن موڪليو ويندو، سرپلس ملازمن ۽ آفيسرن کي گولڊن هينڊ شيڪ پڻ ڏنو ويندو.دستاويز موجب سول سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 11 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، سول سرونٽس سيڪشن 2 ملازمن جي مقرري جي شرطن تي ٻڌل آهي جڏهن ته سيڪشن 11 ملازمن جي برطرفي ۽ پينشن جي معاملن بابت آهي.دستاويزن موجب فنانس ڊويزن سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 19 ۾ هڪ شق شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، فنانس ڊويزن جي تجويز موجب وفاقي حڪومت کي موجوده پينشن جي فائدن ۾ گهٽتائي يا واڌ يا ختم ڪرڻ جو اختيار آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان ترميمي مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن جي منظوري ڪابينا ڏيندي.