ججن جو انگ وڌائڻ لاءِ بل سينيٽ ۾ پيش، پي ٽي آءِ پاران مخالفت

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ججن جو تعداد 21 تائين وڌائڻ جو ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، پاڪستان تحريڪ انصاف بل جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جوڊيشل مارشل لا جي تياري ٿي رهي آهي.سينيٽ اجلاس ۾ سينٽر عبدالقادر خانگي ترميمي بل جمع ڪرايو، بل ۾ چيو  ويو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ چيف جسٽس کانسواءِ وڌائي 20 ڪيو وڃي.سينيٽر عبدالقادر چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 53 هزارن کان وڌيڪ ڪيس التوا ۾ آهن، منهنجو خيال آهي ته ججن جو انگ 16 مان وڌايو وڃي، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيترائي آئيني ڪيس اچي رهيا آهن، جنهن لاءِ لارجر بينچ ٺهي ويندي آهي ۽ ججز آئيني معاملا ڏسندا آهن.هن چيو ته اربين روپين جا ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ڦاٿل آهن، جن کي ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وٽ وقت ناهي، اسان جو عدالتي نظام هيٺئين کان مٿي تائين آهي.ان تي قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته اها حقيقت آهي ته موت جي سزا جا ڪيس التوا ۾ آهن، عمر قيد جي سزا 25 سالن کان وڌيڪ نٿي ٿي سگهي، هڪ شخص 34 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي، 2015 کان موت جي سزا جون اپيلون التوا ۾ آهن.قانون واري وزير چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ڏهن جج اضافي گهريا آهن، اتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اهي جج ڏئي رهيا آهن، بل ڪميٽي ڏانهن موڪليو.پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته هي قانون اوچتو آيو آهي ته ججن جو تعداد وڌايو وڃي، ”جڊيشل ڪو“ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان معاملي کي وائکو ڪيو ويو آهي، انڪري 7 جج گهريا پيا وڃن، جڏهن ته اسين ٻن ججن جو تعداد وڌائڻ لاءِ تيار آهيون جيڪڏهن توهان ججن جو تعداد وڌائڻ چاهيو ٿا ته پهرين ماتحت عدليه کان وڌايو.تحريڪ انصاف جي سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته جڏهن کان سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڏنو آهي، تڏهن کان هي ججن جو انگ وڌائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.اي اين پي جي سينيٽر ايمل ولي چيو ته جڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ کان فيصلا ڪيا ويندا آهن ته ائين ئي ٿيندو آهي، ماتحت عدليه لاءِ تفصيلي سڌارا آڻي رهيا آهن ۽ ايوان کي ٻيهر استعمال ڪري رهيا آهيون، ميڊيا ۾ خبرون اچي رهيون آهن ته واڌو جج ڪنهن کي گهرجن.بعد ۾ سينيٽ چيئرمين بل کي وڌيڪ بحث لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.