ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زمين اندر پاڻي جي اگهه بابت نجي ڪمپني جي درخواست تي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد سهتو ٻڌڻي ڪئي. صوبائي وزير ڄام خان شورو، ڊي جي فوڊ اٿارٽي مزمل هاليپوٽو، صحت وارو سيڪريٽري ۽ ٻيون اختياريون عدالت سامهون پيش ٿيون. عدالت سنڌ حڪومت جي رويي تي حيرت جو اظهار ڪيو. جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ۾ چيو ته رقم خرچ ڪرڻ جو ڪم اڳ ۾ ڪيو ٿا، ايس اين اي پوءِ منظور ڪيو ٿا، اسپتال جي عمارت ۽ اوزارن تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن پر ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جي ڀرتي جي ايس اين اي منظور ناهي ڪئي ويندي، ايس اين اي منظور نه ٿيڻ سبب اسپتال فعال ناهي ٿيندي ۽ سامان خراب ٿي ويندو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته سنڌ حڪومت روبوٽ ٽيڪنالاجي خريدي رهي آهي، ڇا ان کي استعمال ڪري سگهندي؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواب ڏنو ته حڪومت سوچي سمجهي فيصلو ڪيو هوندو. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته روپوٽ هلائڻ، انهن جي ريپيئرنگ ڪرڻ واري ٽيم ئي موجود ناهي، صحت کاتي جي اڌ کان وڌيڪ بجيٽ روبوٽن جي خريداري تي وڃي رهي آهي، الائي ڇو بيورو ڪريسي ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ناهي ڪندي، هتي اهي ئي ڪم ڪيا ويندا آهن جن ۾ ڪو مفاد هجي. جسٽس امجد سهتي چيو ته جيڪو بيورو ڪريٽ مزاحمت ڪندو آهي، اهو سيٽ تي ناهي رهندو. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙو شخص گاڏي خريدي جنهن کي ڊرائيونگ نه ايندي هجي ۽ اهو ڊرائيور به نه رکي، ان جو ڇا مقصد آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سر اهو گاڏي هلائڻ جي خواهش رکندو هوندو، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ان جو مقصد پئسا اڏائڻ آهي. 700 ڊائلاسز مشينون ڪڏهن کان خريد ڪيل آهن پر تالي ۾ بند پيون آهن. عدالت پنهنجي آبزرويشن شيئر ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۾ سڀ ڪم ائين ئي ٿي رهيا آهن. ٻڌڻي دوران ڊي جي فوڊ اٿارٽي چيو ته اسان 5 آر او پلانٽن جا نمونا ورتا آهن، جسٽس امجد سهتو پڇيو ته توهان به ان بابت ڪارروائي ڪئي، جيڪي 50 رپين ۾ عوام کي پاڻي فراهم ڪندا آهن، 120 رپين جي بوتل وارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي، سنڌ حڪومت جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته پاڻي جي ٽيسٽنگ لاءِ 17 ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن. عدالت چيو انهن جي ايس اين اي ڪڏهن منظور ٿي؟ اسان 2 سال اڳ سکر ۾ ان بابت حڪم ڏنو هو. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ايس اين اي 6 مهينا اڳ ئي منظور ٿيون آهن، هاڻ واٽر ٽيسٽنگ ٿي رهي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سنڌو درياهه هوندي اسان جر جو پاڻي پيئي رهيا آهيون، درياهه به ڊرينيج نالي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. عدالت صوبائي وزير ڄام خان شوري کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وزير آهيو، توهان کي ته اسان نه گهرايو. سنڌ حڪومت جي وڪيل چيو ته هي فوڊ اٿارٽي چيئرمين طور پيش ٿيا آهن. جسٽس امجد سهتي چيو توهان ڏسندا آهيو ته پنجاب ۾ فوڊ اٿارٽي ڪيتري فعال آهي، هتي هي ماڻهو ويهي بئنچون ڀڃي رهيا آهن. ڄام خان شوري چيو ته سنڌ سان سڀ کان وڌيڪ زيادتي ٿي آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته زيادتي ڇا جي؟ توهان پاڻ تسليم ڪيو آهي، توهان سنڌ سان پاڻ زيادتي ڪئي، توهان پاڻ چيو ته ليبارٽريون ٺاهيون ويون آهن، ملازم ناهن رکيا. جسٽس امجد علي سهتي پڇاڻو ڪيو ته زمين مان پاڻي ڇو ڪڍي رهيا آهيو؟ سڄي سنڌ جو پاڻي ٺيڪ ناهي؟ جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ايندڙ ٻن ورهين ۾ وڌيڪ 5 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيندا. عدالت هدايت ڪئي ته واٽر بورڊ ۽ سنڌ فوڊ اٿارٽي نجي ڪمپني جا دورا ڪري پاڻي جا نمونا چيڪ ڪن، منرل واٽر جون 800 ڪمپنيون آهن، سڄي دنيا ۾ ائين ناهي ٿيندو، بس سڀني کي اجازت ڏني پئي وڃي. عدالت ٻڌڻي دوران چيو ته سڀني ڌرين جو موقف ٻڌي ورتو آهي، لکت حڪم نامو به جاري ڪيو ويندو..