مشعال يوسفزئي تي هر هنڌ بشريٰ بي بي جو نالو وٺڻ جو الزام

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سماجي ڀلائي بابت صلاحڪار مشعال يوسفزئي کان قلمدان واپس وٺڻ ۽ پارٽي ۾ مخالفت جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب مشعال يوسفزئي جي پارٽي جي مرڪزي معاملن ۾ مداخلت تي اعتراض  آهي، پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ڊي نوٽيفاءِ مشعال جو ميسيج علي امين گنڊاپور کي موڪليو، سينيئر اڳواڻ پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي ميسيج وڏي وزير کي موڪليو. ذريعن موجب مشعال يوسفزئي صوبي کي ڇڏي مرڪز ۾ وڌيڪ رهندي هئي، سندس خلاف پي ٽي آءِ باني کي سينيئر قيادت طرفان شڪايتون مليون. مشعال يوسفزئي تي هر هنڌ بشريٰ بي بي جو نالو استعمال ڪرڻ جو به الزام آهي، سندس سماجي ڀلائي جي صلاحڪار طور ڪارڪردگي به غير تسلي بخش هئي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ شوڪت يوسفزئي موجب مشعال جي نه ڪابينا ۾ ڪارڪردگي هئي ۽ نه هن پارٽي کي ڪو فائدو ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.