ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي موجب بنگالي نار مان هوائون ملڪ جي مٿين حصن ۾ داخل ٿينديون، اڄ کان هڪ اولهه لهر ملڪ جي اولهه حصن تي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته سسٽم تحت سڄي سنڌ ۾ 3 ۽ 4 سيپٽمبر تي کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برساتون پئجي سگهن ٿيون.