ليٽ (رپورٽ: علم الدين رند) يونين ڪائونسل ڪڪڙانڊ جي ڳوٺن کارڙو ملاح ۽ ڄامن ملاح ۾ برساتي پاڻي ۾ ڪچو روڊ ٻڏي وڃڻ ڪري ٻن ڳورھارين عورتن اسپتال نيندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. تيز برساتن جي ڪري ڪچا روڊ ٻڏي ويا جنهن جي ڪري ماڻهو پريشان حال بڻيل آهن. روڊ ٻڏل هجڻ سبب ڪريمان زال عرس ملاح ۽ صاحبه زال خميسو ملاح فوت ٿي ويون. ڳوٺاڻن علم الدين رند، عامر رند، عاشق رند ۽ ٻين چيو آهي ته ايريگيشن ۽ ڊريـنيج کاتي جي نااھلي جي ڪري ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. روڊ رستا پاڻي ھيٺ آهن بيمار ماڻهو اسپتال پھچي نٿا سگھن.