محسن نقوي،سرفراز بگٽي ۽ ڪورڪمانڊر ڪوئيٽا شهيد ڪيپٽن جي گهر پهتا،تعزيت

لاهور ( بيورو+م ڊ ) گهرو وزير، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا شهيد ڪيپٽن محمد علي قريشي جي گهر پهتا، ٽنهي عملدارن  شهيد ڪيپٽن محمد علي قريشي جي عظيم قرباني کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم احمد خان، لاهورجي نصير آباد ۾ واقعي شهيد ڪيپٽن محمد علي قريشي جي گهر پهتا ۽ شهيد ڪيپٽن جي والدين سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد علي قريشي بهادري سان مقابلو ڪري دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته شهيد ڪيپٽن محمد علي قريشي ملڪ جو بهادر فرزند آهي، جنهن جي جرئت ۽ بهادري کي هو سلام پيش ڪن ٿا. ڪيپٽن محمد علي قريشي 26 آگسٽ 2024 تي بلوچستان ۾ دهشتگردن سان بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويوهو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.